سجاول لڳ پورهيت کي گهر کي باهه، سامان رک

سجاول ( ڊ ر ) سجاول ڀرسان بٺورو باءِ پاس وٽ پورهيت مستري عباس ملاح جي گهر کي اوچتو باھ لڳي وئي جنهن سبب گهر ۾ رکيل  ھنڌ بسترا  ۽ ٻيو قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو آهي، گهر کي باهه لڳڻ سبب متاثر خاندان  کلي آسمان ھيٺ معصوم ٻچڙن سميت ويٺل آهي انهي سلسلي ۾ پورهيت عباس ملاح ٻڌايو ته اوچتو باھ لڳڻ ڪري منھنجي گھر ۾ پيل ضروري ۽ قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو آهي، غربت سبب ڪو به سهارو نه هجڻ ڪري کليل آسمان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهيان، هن اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته باھ لڳڻ سبب ٿيل نقصان جو ازالو ڪري واهر ڪئي وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.