شاعر ذوالفقار منگي کان ڦر جي ڪوشش، فائرنگ

ڊکڻ (ن ع آ)ڊکڻ ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني ۾ واڌ،نامور شاعر ذوالفقار منگي ۽ سندس دوستن کان ڦر جي ڪوشش،گاڏي نه بيهارڻ تي  مبينا فائرنگ،چڱي مڙس جي مينهن چوري،پيرا رستي ۾ گم،خبر موجب ڊکڻ ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني ۾ واڌ ٿي وئي آهي،خميس واري رات جو دير سان نئونديرو کان شڪارپور ويندڙ نامور شاعر ذوالفقار علي منگي کان ڊکڻ ٿاڻي جي حد لاڙڪاڻو-شڪارپور انڊس هاءِ وي تي لکي واھ وٽ نامعلوم هٿياربندن ڦر جي ڪوشش ڪئي،جڏهن ته گاڏي نه بيهارڻ تي هٿياربندن سندن جي گاڏي مٿان مبينا فائرنگ ڪري ڏني،پر گاڏي ۾ سوار سمورا ماڻهو محفوظ رهيا،هوڏانهن ڊکڻ لڳ ڳوٺ پير بخش ٿهيم مان نامعلوم چور چڱي مڙس عنايت الله ٿهيم جي مينهن چوري ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته ڀاڳين پاران کڻايل پيرا پيرچنڊام لنڪ روڊ تي گم ٿي ويا،ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ڊکڻ پوليس ٻڌايو ته شاعر ذوالفقار منگي سميت ڪنهن کان به ڦر ناهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.