لاڙڪاڻي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جو پوليس زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي ايئر ويز ڪالوني جي رهواسي عورتن ۽ ٻارڙن طرفان پوليس اهلڪار جي مبينا زيادتين خلاف  پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي پيرسن عورت مائي حسينه خاتون زال دوست محمد شيخ پنهنجي ڌيءُ سڪينه خاتون، ڪائنات، ناهيد، ممتاز شيخ ۽ ٻين سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي چيو ته 5 سال اڳ مان پنهنجي ڌيء شاهده جي شادي نظر پاڙي جي رهواسي اي ايس آءِ علي گوهر جويو سان ڪرائي هئي، سنڱ عيوض ڄاٽي علي گوهر جويو 4 لک روپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، پر ان تي هن عمل نه ڪيو، جڏهن ته هو منهنجي ڌيءُ شاهده مٿان بيگناھ تشدد ڪندو هيو ۽ اسان کي ڌيء سان ملڻ به نه ڏيندو هيو. هن الزام لڳايو ته بقا پور ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ ڄاٽو اي ايس آءِ علي گوهر جويو ظالم قسم جو ماڻهو آهي، جنهن 3 مهينا اڳ منهنجي ڌيء ۽ پنهنجي زال شاهده کي گم ڪري ڇڏيو، جنهن بعد خبر نه آهي ته هو زندھ به آهي يا کيس ماري خون ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڌيء جي گمشدگي بابت منهنجي مڙس دوست محمد شيخ لاڙڪاڻي جي مقامي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي، جيڪو ڪيس هلندڙ آهي، جنهن تي ڄاٽي ڏمرجي اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ مختلف ٿاڻن تي اسان جي مردن خلاف ٻه ڪوڙا ڪيس به داخل ڪرايا، جڏهن ته گذريل ڏينهن اربع ڏينهن تي منهنجو پيرسن مڙس عدالت ۾ حاضري تي آيل هيو ته عدالت ٻاهران ڄاٽي علي گوهر جويو جي چرچ تي سول لائين پوليس کيس گرفتاري ڪري کڻي وئي آهي، اهڙي دانهن اسان پوليس کي ڏني پر پوليس پنهنجي پٽي ڀائي جي وانگار وهندي اسان جي دانهن نه ٻڌي اسان غريب مسڪين ماڻهو آهيون، ظالم ڄاٽو وردي جي زور تي اسان سان ظلم ۽ زيادتيون ڪري رهيو آهي. هن آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اي ايس آءِ علي گوهر جويو خلاف ڪاروائي ڪري مڙس ۽ ڌيءُ کي آزاد ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.