ٺل ۾ چئن مقتولن جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻا

ٺل (ن ع آ)ٺل ۾ بجلي جي تار لڳائڻ تان قتل ٿيل ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ نينگر سعيد احمد ڀٽي جي جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ   وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو،مظاهرين پاران پوليس جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن حاڪم علي نوناري، عبدالصمد نوناري، عبدالغفور،الطاف نوناري، نثار احمد نوناري ۽ ٻين انصاف جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي طرف اي سيڪشن ٿاڻي جي حد جيئي سنڌ چوڪ تي ڀتو نه ڏيڻ تان قتل ڪيل ايس يو پي ڪارڪن قائم الدين سرڪي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن اصغر علي ٻرڙو ۽ طالب حسين ٻرڙو ۽ ايس يو پي جي ضلعي صدر جمال الدين جوش ٻرڙو جي مٿان حملو ڪندڙن جوابدارن کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جوابدارن جي گرفتاري جي لاءِ وارثن ۽ شهرين پاران احتجاج هلندڙ آهي، جدوجهد ايڪشن ڪاميٽي پاران قائم الدين سرڪي جي قتل ڪيس ۽ ايس يو پي جي ضلعي صدر جمال جوش ٻرڙو جي مٿان حملي جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو،مظاهرين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. هوڏانهن اي سيڪشن ٿاڻي جي حد شهيد الله بخش سومرو ڪالوني ۾ ست سال اڳ وياج جي مامري تان قتل ٿي ويل پورهيت فيض محمد چنو جي خون سان انصاف جي لاءِ سندس ٻڍڙي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا سراپا احتجاج بڻيل آهي،ڪالهه پورهيت جي امڙ مسمات غلام فاطمه چنا پنهنجي پٽ جي تصوير کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.