ڀارت 70 سالن ۾ پي ٽي آءِ جيترو نقصان ناهي پهچايو :راشد خالد محمود سومرو

سکر( رپورٽر )جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد خالد محمود سومرو چيو آهي ته انڊيا 70 سالن ۾ ملڪ کي ايترو نقصان ناهي  پهچايو جيترو موجوده پي ٽي آءِ حڪومت ٻن سالن ۾ پهچايو آهي، بدترين مهانگائي، بيروزگاري ماڻهن کان جيئڻ جو حوصلو به کسي ورتو آهي، عوام مايوس ٿي چڪا آهن، ڊي ايم اي عوام جي لاءِ اميد جي ڪرن بڻجي چڪي آهي، جلد حڪومت جو خاتمو ڪري عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارينداسين، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر جي ويجهو ڳوٺ ڀڙو شريف ۾ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. علامه راشد سومرو جو وڌيڪ چوڻ هو ته موجوده حڪمران عالمي استعماري قوتن جا ايجنٽ آهن اهي ئي انهن جي پويان آهن، هنن کي ملڪ ، عوام ۽ جمهوريت ان ڪا به دلچسپي ناهي، عمران نيازي ڪرپشن جو روئڻ روئي ڪري معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، هاڻ نئين بلدياتي نظام جو لولي پاپ ڏيئي ڪري عوام کي بي وقوف بڻائڻ چاهي ٿو، هن چيو ته نااهل حڪمران ڪڏهن دهشتگردي ته ڪڏهن وري ڪورونا جي آڙ ۾ لڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن پر هاڻ انهن کي ڪو ريليف يا اين آر او نه ملندو، انهن کي جلد پنهنجو هنڌ بسترو گول ڪرڻو پوندو، نه ته هن عوامي سيلاب اسلام آباد جو رخ ڪيو ته انهن کي ڪٿي به پناهه نه ملندي ، هن چيو ته 26 نومبر تي لاڙڪاڻي ۾ شهيد اسلام علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو ڪانفرنس ۾ لکين ڪارڪن شرڪت ڪري سنڌ کي باب اسلام بڻائڻ جو عزم ۽ عهد ڪندا، ان موقعي تي مولانا عبدالڪريم عباسي، قاري عبدالغفار سومرو، مولانا عبدالحق مهر ۽ ٻين خطاب پڻ ڪيو . ان کان اڳ جي يو آءِ ترجمان مولانا عبدالحق مهر پاران جاري ڪيل بيان جي مطابق تعلقي روهڙي پاران شهيد اسلام ڪانفرنس کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ امير مولانا عبدالڪريم عباسي جي اڳواڻيءَ ۾ سڀني يونٽن جو ٽي ڏينهن جو دورو ڪيو ويو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 26 نومبر تي تعلقي روهڙي کان هڪ سئو کان وڌيڪ گاڏين جو وڏو قافلو ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ روانو ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.