وفاق ڪارڪردگي ڏيکارڻ بدران مهانگائي جو طوفان ڪيرايو آهي:عبدالحفيظ بجاراڻي

جونگل (ن ع آ) جونگل ۾ جماعت اسلامي جي صوبائي اڳواڻ عبدالحفيظ بجاراڻي پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو  آهي ته وفاقي حڪومت اڍائي سال گذري وڃڻ باوجود ڪا به ڪارڪردگي ڏيکارڻ بجاءِ عوام مٿان مهانگائي جو طوفان ڪيريو آهي هن وڌيڪ ڳالهائندي چيو ته ايف بي آر چيئرمين جي رپورٽ موجب، عمران خان شگرملز ۾ پنهجن دوستن کي 400 ارب جي سبسڊي ڏئي پنهنجا مفاد حاصل ڪيا جنهن جو بار پڻ عوام مهانگائي جي صورت ۾ ادا ڪندو هن چيو ته نئون چهرو هئڻ ڪري عمران خان مان عوام کي وڏيون اميدون هيون پر ان اميدن تي پورو لهڻ بدران عمران خان ملڪي معاشيت کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ڪا به ڪثر ناهين ڇڏيو هن ڳالهائندي چيو ته جماعت اسلامي اقتدار ۾ اچي عوام کي سندس توقع کان وڌيڪ رليف ڏيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.