گهوٽڪي ويجھو چوري ٿيل موٽرسائيڪل پوليس واپس ڪرائي مالڪ حوالي ڪري ڇڏي

گهوٽڪي(ڊ ر) گهوٽڪي جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ لالووالي مان نامعلوم چور شعبان مگسي جي گهر مان موٽر سائيڪل  چوري ڪري ويا.اهڙي واقعي بعد اي سيڪشن ٿاڻي جي سٽي انچارج سائينڏنو ڀٽو پاران چوري ٿيل موٽر سائيڪل حسين ٻيلي روڊ تي ڀٽا هوٽل ڀرسان ڪمند جي فصل مان هٿ ڪري ورتي جنهن بعد ڄاڻايل موٽرسائيڪل ايس ايڇ او اي سيڪشن امام الدين چانڊيو پاران شعبان مگسي حوالي ڪري ڇڏي.

هالاڻي ۾ نوجوان کان ڏينهن ڏٺي موٽرسائيڪل ڦر

هالاڻي (ن ع آ) ھالاڻي شھر جا رھواسي ڦورن جي رحم و ڪرم تي ھالاڻي شھر مان نوجوان سنيل اوڏ کان نامعلوم ڦورن ڏينھن ڏٺي جو ھٿيارن جي زور تي  شھر ڀرسان موٽر  سائيڪل سي ڊي ڦر ڪري فرار ٿي ويا ٻئي طرف ٽيوشن پڙھي واپس گھر ويندڙ شاگرد بابر مڱھڻار کان لاکاروڊ لنڪ ٽموڙ وٽان ڦورو موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏھن ته ھالاڻي شھر جي آس پاس ۾ چورين ۽ ڦرن ۾ اضافو اچي ويو آھي جڏھن پوليس ڏوھ روڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آھي.

ايس ايس پي لاڙڪاڻي طرفان ڏوهارين خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جي هدايت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي مسعود احمد بنگش ضلعي جي سمورن ڊي ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز کي سختيءَ سان هدايت ڪئي آهي ته اشتهاري، روپوش،  ڀاڳيلن ۽ گهربل جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ جامع حڪمت عملي سان گڏ نتيجا ڏيندڙ قدم کڻي کين گرفتار ڪري قانون جي گرفتار ۾ آندو وڃي. ان حوالي سان ايس ايس پي مسعود احمد بنگش چيو آهي ته حساس هنڌن سميت عوامي هنڌن جتي سي سي ٽي ڪيمرائون لڳل نه آهن انهن هنڌڏن تي لاڳاپيل ماڻهن جي ذريعي سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳائڻ واري عمل کي يقيني بڻائي شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي پوليس اهلڪارن جي مقرري بابت روزانو جو بنياد تي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. هن چيو ته روايتي ٿاڻي ڪلچر جي تبديلي جي لاءِ سنجيده قدم کڻي بهتر نتيجا ڏنا وڃن. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي ڪري پيدا ٿيل وبائي صورتحال ۾ حڪومت طرفان جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل درآمد ۽ ڪورونا جي ڪري امڪاني طور متاثر ٿيندڙ پوليس آفيسرن، اهلڪارن توڙي سندن جي گهر ڀاتين جو خاص خيال رکيو وڃي، ڪورونا جي علاج لاءِ پوليس هيڊڪوارٽر ۾ قائم ڪيل هيلٿ يونٽ ڪورونا ڊيسڪ قائم ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪورونا متاثر پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي مڪمل نگرانيءَ جي لاءِ پوليس کاتي طرفان ويلفيئر ڊپارٽمينٽ مڪمل طور تي متحرڪ آهي.

ڪنڌڪوٽ لڳ نوجوان جي قتل جو 7 جوابدارن خلاف ڪيس داخل

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ ۾  گذريل ڏينهن بنگوار برادري جي هٿياربندن هٿان مارجي ويل نوجوان عطاءُالله مهمداڻي جو قتل ڪيس نوجوان جي وارث  سمون خان مهمداڻي جي فرياد تي 7 جوابدارن مٿان بي سيڪشن ٿاڻه تي داخل ڪرايو ويو آهي نوجوان جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن ۾ گهرام، احمد علي، سعد، سليمان، برڪت، سبز علي جاويد بنگوار شامل آهن جن جا نالا ڪيس ۾ ڏنا ويا آهن جڏهن ته نوجوان جو قتل ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو ۽ پوليس جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ آڻڻ ۾ ناڪام رهي آهي ۽ نوجوان عطاءُالله مهمداڻي جا وارث سخت صدمي ۾ ورتل آهن

لاڙڪاڻي پوليس جون ڪارروايون، 11 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس طرفان ڏوهارين خلاف ڪاروايون ڪندي 11 جوابدار کي گرفتار ڪري منشيات، موبائيل فونون ۽ روڪ رقم هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي  آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه باڊهه پوليس چيڪنگ دوران منشيات فروش منٺار شاهاڻي کي هڪ ڪلو چرس سميت، باقراڻي پوليس ٽن اشتهاري ۽ گهربل جوابدارن منٺار عرف ڏاهاڻي سنديلو، سرور کيريو ۽ سجاد کيريو کي، سول لائين روپوش جوابدار دوست محمد شيخ کي، رتوديرو پوليس گشت دوران روپوش جوابدار علي مردان عمراڻي کي ۽ جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي 5 جوارين معشوق، حاڪم، سڌير، عرس ۽ شوڪت کي روڪ رقم ۽ موبائيل فونن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڊکڻ لڳ جيڪب آباد واسي کان جوابدار هزارين رپيا روڪ ڦر ڪري ويا

ڊکڻ( ن ع آ ) ڊکڻ لڳ جيڪب آباد واسي  کان موٽرسائيڪل ۽ هزارين روپيا روڪ رقم ڦر،پوليس ڪو تحرڪ نه ورتو،خبر موجب ڊکڻ لڳ  جيڪب آباد -رتوديرو انڊس هاءِ وي تي  ٻٽيھ پل وٽ  نامعلوم  هٿياربندن هٿيارن جي  زور تي  جيڪب آباد جي قادرپور واسي  الطاف چانڊيو کان سي ڊي سيونٽي موٽرسائيڪل ۽ هزارين روپيا روڪ رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا،جڏهن ته اطلاع باوجود غلام شاھ پوليس ڪو تحرڪ نه ورتو،ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او غلام شاھ ٻڌايو ته جيڪب آباد جي قادرپور واسي الطاف چانڊيو کان اسانجي حد نه پر محمد پور ٿاڻي جي حد مان ڦر ٿي آهي،

تنگواڻي ۾ جميعت علماءِ اسلام پاران شهيد اسلام ڪارنفرنس جاڳرتا ريلي

تنگواڻي(ن ع آ ) تنگواڻي جميعت علماء اسلام پاران 26 نومبر شهيد اسلام ڪارنفرنس جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي، جعفرآباد روڊ کان مولوي محمّد صلاح ملڪ، قاري  ڪفايت الله کوسه، رياض احمّد بهلڪاڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي تنگواڻي لاڙو اسٽاپ، مانجهي اسٽاپ تائين 13 ڪلوميٽرن جو موٽرسائيڪل مارچ ڪيوويو، جڏهن تہ اڳواڻن پاران ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل جي مذمت پڻ ڪئي وئي، هوڏانهن تنگواڻي ۾ وڌدڙ بدامني خلاف جلد تحريڪ جو اعلان ڪري ٿاڻي جي گهيراءُ چتاءُ ڏيندي چيو تہ قتل ٿيل خليفو سندراڻي جا قاتل جلد گرفتار ڪري،بسم الله جنرل اسٽور تان دڪان ۽ مارڪيٽن مان چوري ٿيل سامان ۽ موٽرسائيڪلون واپس ڪرايون وڃن.

ڏهرڪي ۾ پروگريس لائيزر پينل جي مختلف اميدوارن جي مان ۾ وڪيلن جو ميڙاڪو

ڏھرڪي )ت ر)سنڌ بار جي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ پروگريس لائيزر پينل جي مختلف ضلعن جي آميدوران گھوٽڪي مان عبدالرزاق مھر سکر مان قربان علي ملاڻو، شفقت راجپوت خير پور مان ياسر عرفان  نوابشاهه مان پ پ اڳوڻ ضياالحسن لنجار نوشھرفيروز مان عبدالستار لوهه ھاڻي ۽ ٻين جي مان ۾ ڏھرڪي بار جي وڪيلن پاران بار روم ۾ وڪيلن جو ميڙاڪو ڪيو ويو ميڙاڪي خطاب ڪندي سنڌ بار جي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ آميدوارن چيو ته اسان وڪيلن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنڌ بار جي اليڪشن ۾ حصو وٺي رھيا آھيون ۽ انشاالله توھان دوستن جي ساٿ سان اسان ڪامبابي ماڻينداسون جڏھن ته ان دوران بار جي جنرل سيڪرٍيٽري وڪيل غلام رسول مھر سنڌ بار جي اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ آميدوارن اڳيان وڪيلن جي ڪالوني وڪيلن جا چيئمبر بار روم جي بلڊنگ وڪيلن جا ميڊيڪل آلائوس سميت ٻيا مسئلا پيش ڪيا . جڏھن ته آخري ۾ آيل مھمانن کي سنڌ جي ثقافت پٽڪو ۽ اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.