شهدادڪوٽ ۾ نوجوان پاران خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش

شهدادڪوٽ (ڊر ) شهدادڪوٽ ۾ نوجوان پاران خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش,شھر جي ڊرٻ پاڙي جي رهواسي 18 ورھين جي نوجوان جمشيد کوسو پاڻ مٿان پيٽرول هاري باھ ڏيئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش  ڪئي جنهن کي فوري طور تي تعلقه اسپتال آندو ويو  جتي نوجوان جي ڳڻتي جوڳي حالت هجڻ ڪري ڊاڪٽرن طبي امداد ڏيئي گمبٽ جي اسپتال منتقل ڪيو، ان حوالي سان رابطي ڪرڻ تي تعلقه اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ذوالفقار تونيو ٻڌايو ته نوجوان جي هٿن، ٻانهن، ڄنگهن سميت جسم جو  45 کان 50 سيڪڙو سڙي ويو آهي جنهن کي وارث گمبٽ جي اسپتال کڻائي ويا آهن.

غيرقانوني طور هٿيار رکڻ واري ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي 7 سال قيد جي سزا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي عدالت غيرقانوني طور هٿيار رکڻ واري ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي 7 سال قيد ۽ 10، 10 هزار روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏند جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ ٻه مهينا  قيد ڪاٽيندا. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي جي سيڪنڊ ايڊيشنل ائنڊ سيشن جج قادربخش ڏاهري جي عدالت ۾ سال 2015ع دوران داخل ڪرايل غيرقانوني طور هٿيار رکڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ غيرقانوني طور هٿيار رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت ٻن جوابدارن محمد سليم عرف انب پٽ جواڻ خان خروس ۽ نجم الدين عرف نجف پٽ جواڻ خان خروس کي 7 سال قيد ۽ 10، 10 هزار روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 2، 2 مهينا قيد ڪاٽيندا. ان حوالي سان دڙي ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته سال 2015ع ۾ سرڪار جي فرياد تي اي ايس آءِ امتياز چاڪي طرفان غيرقانوني هٿيار رکڻ جو ڪيس گناهه نمبر 2015/94 قلم 13 ڊي تحت محمد سليم ۽ جواڻ خان خروس سميت چئن جوابدارن مٿان داخل ڪرايو ويو ۽ سال 2016ع دوران پوليس وڏا مهر ڀرسان گهر پنهنجا ڪاروائي ڪندي سزا هيٺ آيل جوابدارن کي گرفتار ڪيو هو جنهن ڪيس ۾ ٻه جوابدار اڃان تائين روپوش آهن. هوڏانهن سزا بعد ٻنهي جوابدارن کي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو.

موري ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مبينا مقابلو، 4 ڏوهاري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، هٿيار هٿ

مورو (ن ع آ)گذريل رات ايس ايڇ او سڪندر علي چانگ پوليس نفري سان پنھنجي حد ۾ گشت ڪري رھيو ھو ته سندس ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين سان مقابلو  ٿي پيو ڏوھارين ۽ پوليس ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوء ڪورائي پوليس مڙسي ڪري چئن ڏوھارين نذير احمد سيال،شھزاد ڪاسائي،مقصود راجپوت،محمد ارشد کرل کي رپيٽر،پسٽل،چار ڪاتوس،ٽن گولين چوري ڪيل بيٽرين سميت گرفتار ڪري ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آھن جڏھن ته ھڪ ڏوھاري محمد اسلم ملڪ اوندھ جوفائدو وٺي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنھن جي پوليس ڳولا ڪري رھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.