رشيد سٺي صحافي سان گڏ سنڌ جو عاشق ۽ پيڙهيل طبقي جو ترجمان هو: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) صحافين ۽ ساڃاھ وندن سنڌ ۾ صحافتي ساک جي امين سرموڙ صحافي ۽ لطيف جي پانڌيئڙي رشيد راڄڙ کي محبتن، عزتن جو امين، يار ويس، سنڌ جو عاشق ۽ پيڙھيل طبقي جو ترجمان  قرار ڏيندي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي آھي. حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس طرفان سنڌ جي سر موڙ صحافي رشيد راڄڙ جي ٽئين ورسي تقريب پريس ڪلب حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي. جنھن ۾ وڏي ۾ انگ ۾ رشيد راڄڙ جي دوستن مٽن مائٽن رشيد راڄڙ جي گھرڀاتين سميت صحافين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي اسسٽنٽ جنرل سيڪريٽري ۽ سينيئر صحافي خالد کوکر چيو ته رشيد راڄڙ جا سموري سنڌ جي ھر شھر ۾ چاهيندڙ موجود آهن. ھن چيو ته رشيد سان تعلق 80 واري ڏهاڪي کان شروع ٿيو. جڏھن اسان سياسي ڪارڪن ھئاسين. رشيد جي اکين ۾ سنڌ جي خوشحالي جا خواب ھئا. ھن چيو ته ڪنھن به سچائي سان صحافت ڪئي ان لاءِ ڪجھه به نه آھي. جرنلزم جمود جو شڪار نه آهي. ھن وقت جرنلزم ۾ تربيت نه آهي. ھينئر صحافت اخبار يا چينل تائين محدود نه آهي. ھينئر سوشل ميڊيا ۽ ويب صحافت به آھي. ھن اعلان ڪيو ته رشيد راڄڙ جي لاڏاڻي تي ماڻھن پاران لکيل تاثرن کي سھيڙي ايڇ يو جي پاران ڪتاب ڇپايو ويندو. اڳوڻي شاگرد اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته اڄ يادون ئي اسان جي ميراث آھن. رشيد راڄڙ جي وڇوڙي جو وقت نه ھو، سنڌي صحافت اظھار راءِ جو سگھارو آواز آھي. ھن وقت سنڌي صحافت کي انڊسٽريز نٿو چئي سگهجي. ھن چيو ته صحافتي ادارن  ۽ انفارميشن کاتو صحافين کي تربيت ڏيڻ گھرجي. سينيئر صحافي اقبال ملاح چيو ته رشيد راڄڙ سان ڊگهي عرصي وارو تعلق رهيو، جيسيتائين ھن جا نظرياتي دوست آھن  رشيد اسان جي وچ ۾ هوندو. هن چيو ته رشيد راڄڙ جي وڃڻ جي عمر نه هئي ھن کي اڃان جيئرو رهڻو ھو، اڄوڪي سنڌ جي حالتن ۾ رشيد جي وڏي کوٽ محسوس ٿي رھي آھي. ھن چيو ته اسان جو صحافت ۾ اچڻ حادثاتي آھي، اسان صحافت ۾ پڻ سياست جيان خواب کڻي نڪتاسين. رشيد راڄڙ جون پاڙون وطن جي اندر ھيون. رشيد راڄ ڀاڳ وارو عزتن جو رکوالو ھو. اسان ھڪٻئي جي محبتن جا امين آھيون. سينئر صحافي نعمت کھڙو چيو ته رشيد راڄڙ جي يادن جون کوڙ ڳالھيون آھن. رشيد راڄڙ سان تعلق منھنجي فقير طبيعت وڏي ڀاءُ اسد کھڙي جي معرفت 1996ع ۾  ٿيو مرحوم رزاق راڄڙ، رشيد راڄڙ ۽ منھنجو ڀاءُ اسد پاڻ ۾ دوست ھئا. رشيد راڄڙ صحافي هجڻ ساڻ گڏ آرٽسٽ به ھيو. هو سچ لکندو هو. ھن چيو ته صحافت ۽ وڪالت بھترين شعبا آهن نوجوانن کي صحافت ۾ نه اچڻ جو چوڻ درست نه آهي. صحافت ۽ وڪالت سماج ۾ سڄاڳي پيدا ڪن ٿا. اسان روز جي بنياد تي سماج تائين رپورٽ ڪريون ٿا. تمام ٽف ٽائيم آھي. ھن چيو ته رشيد راڄڙ جي لکڻين ۾ چس ھو. ھو چاھيندو ھو ته روز نيون اخبارون نڪرن. ھن چيو ته آخري وقت ۾ ھو خاموش ٿي ويو. ھن جو قلم تکو ھيو. رشيد راڄڙ جھڙا ماڻھو سماج تي اثرانداز ٿيندا آهن. آخر ۾ ھو چوندو هو ته جي ايم سيد. ڀٽو، پليجو ۽ پاڳارو ھڪ آھن. سينئر صحافي شبير نظاماڻي چيو ته رشيد راڄڙ صحافت ۾ منھنجو پھريون استاد ھو. گڏجي ڪم ڪيو ھو. چوندو هو ته صحافي کي سنڌ جي لاءِ ڌر بڻجڻ گھرجي، صحافت جو پنڌ ھڪ نه آهي. ھن پورھيت مظلوم ماڻھن جي چونڊ ڪئي. هو فقير ماڻھو ھو. ھن چيو ته اسان کي اھو جائزو وٺڻ گھرجي ته رشيد راڄڙ صحافت کي ڇا ڏنو ۽ موٽ ۾ صحافت ھن کي ڇا ڏنو. ھن نوجوانن کي صلاح ڏيندي چيو ته ھو صحافت ۾ نه اچن ڇاڪاڻ ته صحافت سماجي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهي. رشيد راڄڙ جي وڏي نياڻي رباب راڄڙ چيو ته با با کي ياد ڪرڻ لاءِ ڪو خاص ڏينهن مقرر نه آھي. بابا جي يادن جي سھاري جيئون پيا، بابا اسان جون سموريون خواهشون پوريون ڪيون. بابا اسان سان ڪڏھن به ڪا خواهش نه ڪئي. جيڪو ملندو هو اھو کائيندو هو. مون کي فخر آهي جو آئون رشيد راڄڙ جي ڌيءَ آھيان. بابا جي سمورن دوستن جي ٿورائتي آهيان جو ھو بابا کي ھر سال ياد ڪن ٿا. ورسي تقريب کي سينئر صحافين جنيد خانزاده، محمد حسين خان، ارشاد چنا، مھيش ڪمار جئه پرڪاش، ڏاڏا قادر رانٽو، فريد لاکو مجتبيٰ جوکيو. منير راڄڙ. منير نارائي، منصور مري صالح راڄڙ ۽ رمضان شورو پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.