غوثپور ڀرسان 3 عورتن سميت 5 ڄڻا اغوا کان بچي ويا

غوثپور( ن ع آ )  پوليس ٻن عورتن آئشيا، نورجهان، جيند۽ٻن ٻارڙن کي پنهنجي تحويل ۾وٺي ڇڏيو. پوليس انھن کي ٻڌايو ته  اوهان کي جاگيراڻي گينگ جااغوا ڪار اوهان کي اغوا ڪري رھيا ھئا. ٽريسنگ ذريعي اوهان کي بچائي ورتو آهي. عورتن ۽ جيئند ڀٽي ٻڌرايو ته اسانجي عورت آئشيا ۽ ٻارڙن کي نورشاھ درگاھ تي تعويذ وٺڻ لاءِ ٻڌايو ويو هو. ھڪ ھمراھ جمن نالي اسان سان فون تي رابطي ۾ ھو ان اسانکي درگاھ نورشاھ جو ٻڌايو هو. اسان کي اغوا ڪار دوکي سان تعويذن جي بھاني گھرائي اغوا ڪرڻ چاھين پيا جنھن جي اسانکي پوليس مڪمل معملي کان آگاھي ڏيئي غوثپور پوليس روڪي ورتو آهي. سندن پوليس واپس گمبٽ وين ۾ويھاري گھر ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او غوثپور ٻڌايو ته تيغاڻي ۾ جاگيراڻي برادري جا ماڻهو اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو جنهن کي اطلاع ملڻ تي غوثپور ناڪام بڻائي ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.