ٺٽي ۾ ڪار چور ڄاڻائي 2 ڀائر کنڀي گم، احتجاج

ٺٽو( رپورٽ : شبير ڀٽي ( مڪلي پوليس پاران مڪلي ناريجا ڳوٺ جي ٻن ڀائرن کي ڪار چوري جي الزام ھيٺ گرفتار ڪري گم  ڪري ڇڏيو، سندن وارث سخت پريشان، وارث عورتن جو احتجاج انصاف جو مطالبو. ان سلسلي ۾ مڪلي پوليس پاران گرفتار ڪري گم ڪيل مڪلي ناريجا ڳوٺ جي رھواسي ٻن ڀائرن رشيد ناريجو ۽ سندس ڀاء بابو ناريجو جي وارث عورتن پيرسن ماء نورجھان، ڀاڄائين امير جان، بلقيس پنھنجي معصوم ٻارڙن سان گڏ مڪلي تي صحافين وٽ پھچي دانھيندي الزام ھنيو تہ 2 ھفتا اڳ ناريجا ڳوٺ مڪلي مان ڪي نامعلوم چور ڪار چوري ڪري ويا، ڪار  چوري جي الزام ۾ مڪلي پوليس سندس گھرن تي ڪاھ ڪري سندن اڪيلي ڪمائيندڙ نوجوان رشيد ناريجو کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي، جنھن کي 12 ڏينھن ٿي ويا آھن، جڏھن تہ بابو ناريجو ھن کان بہ اڳ ۾ گم ٿي ويو آھي، کين خدشو آھي تہ ان کي بہ پوليس گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ڪري ٻنھي نوجوانن جي جانين کي بہ نقصان جو خطرو آھي. ھنن چيو تہ ڪار چوري سان سندن ڇوڪرن جو ڪوبہ واسطو ناھي، اھي شريف ماڻھون آھن، مزدوري ڪري ٻچن جو پيٽ گذر ڪن ٿا، سندن گرفتار ٿي وڃڻ ڪري ھاڻي سندن ڪير بہ ڪمائي ڪرڻ وارو ناھي جنھن ڪري ھو بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آھن. ھنن الزام ھڻندي چيو تہ مڪلي پوليس کانئن نوجوانن جي آزادي جا اڍائي لک روپيہ گھريا آھن، جيڪي اسان وٽ ناھن. ھنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو تہ فورن سندن گرفتار نوجوانن کي آزاد ڪرائي کين پوليس زيادتين مان نجات ڏياري وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.