حيدرآباد ۾کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزاديءَ لاءِ احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر)  حيدرآباد ۾کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزاديءَ لاءِ احتجاج، پٻڻ ٿاڻي جي حد مان 14 ڏينهن اڳ کنڀي گم  ڪيل سولنگي برادري جي 5 گهرڀاتين جي بازيابي لاءِ عناتيان خاتون جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ڪنري جي ڳوٺ رامچند جي رهواسي رامچند ڪولهي گهر تي قبضو ڪندڙن خلاف احتجاج جاري رکيو. دادو جي علائقي درگاهه مخدوم بلاول جي رهواسي ڪامريڊ انور پنهور زمين تي قبضي جي ڪوشش خلاف احتجاج ڪيو. ٽنڊو آدم جي رهواسي جهوني جيالي گووو عرف اشوڪ پ پ قيادت پاران نظر انداز ڪري اولاد کي نوڪريون نه ڏيڻ خلاف احتجاج جاري رکيو. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملن جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.