مٺي ويجهو مسافر ڪوچ ۽ شهزور ۾ٽڪر، عورتن سميت 25 ڄڻا زخمي

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) مٺي ويجهو ڦانگاريو اسٽاپ وٽ مسافر ڪوچ ۽ شھزور جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 25 مسافر شديد زخمي ٿي پيا آھن،زخمين ۾ کوسا برادري جون عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آھن،جن کي مٺي  سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آھي،جڏھن ته حادثي بعد ايم ايس گل منير وسطڙو پاران اسپتال ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي ويئي،سندس اپيل تي شھرين وڏي انگ ۾ اسپتال پهچي رت جا عطيا ڏنا،معلوم ٿيو آھي ته شھزور جو ڦانگاريو موڙ وٽ ڪوچ سان ٽڪر سبب حادثو پيش آيو،مٺي پوليس حادثي جو سبب بڻجندڙ شھزور ۽ مسافر ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي،زخمين ۾ ذوالفقار ولد علي بخش،علي اصغر ولد محمد،پارڪ ولد امير،سرور ولد ساجن،راول ولد علي جان،بابو ولد الهورايو،ياسين ولد شفيع محمد،نعمان ولد عثمان،نورمحمد ولد حاجي محمد،منور ولد عبدالڪريم، عبدالحڪيم ولد محمد عالم،عبدالرشید ولد لکاڏنو،غلام محمد ولد لالڏنو،شڪيل ولد لال بخش،انور ولد غلام محمد،محمد علي ولد فتح محمد،ايوب ولد علي محمد،گلزار ولد انور علي ۽ ٻيا شامل ٻڌايا وڃن ٿا، معلوم ٿيو آھي ته زخمي کوسڪي واري علائقي جا کوسا برادري سان تعلق رکن ٿا،جيڪي امداد وٺڻ لاءِ شھزور ۾ سوار ٿي مٺي آيا هئا ته سندن سان حادثو پيش آيو،ايس ايڇ او مٺي ملڪ مشتاق رابطو ڪرڻ تي چيو ته حادثي ۾ زخمي ٿيل کوسڪي کان مٺي ۾ امدادي سامان وٺڻ آيا هئا،واقعي بعد ڪوچ جو ڊرائيور فرار ٿي ويو آھي ۽ گاڏيون پوليس تحويل ۾ ورتيون آھن،وڌيڪ جاچ جاري آھي،ٻئي طرف ايم ايس مٺي سول اسپتال ڊاڪٽر گل منير وسطڙو رابطو ڪرڻ تي چيو ته حادثي ۾ 25 ڄڻا زخمي ٿيا آھن جن مان 4 زخمين جي حالت وڌيڪ نازڪ هئي جن کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آھي ۽ اسپتال ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي ويئي آھي ۽ زخمين کي رت جا عطيا ۽ علاج هلندڙ آھي،هن چيو ته ايمرجنسي صورتحال ۾ علاج جي آئون پاڻ نگراني ڪري رهيو آھيان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.