ڪامريڊ اظهر جتوئي جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ اظهر جتوئي جي لاڏاڻي تي سندس پٽ سنڌ هاري ڪاميٽي  جي مرڪزي سينيئرنائب صدر ثمرحيدر جتوئي سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. ڪالهه اڳوڻي ايم پي اي مير عابد حسين جتوئي، اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر سڪندر شورو، ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ ابرار قاضي، ايوب شر، سيد معظم شاهه، مير حيدر ٽالپر، نيشنل پارٽي جي اڳواڻ تاج مري، پروفيسر امداد چانڊيو، اديب ادريس جتوئي، جي يو آءِ اڳواڻ صالح بروهي، پروفيسر انعام ڀٽي، اديب ناز سنائي، ايڊوڪيٽ احمد نواز انقلابي، آل سنڌ يونيورسٽي ايسوسيئيشن جي اڳواڻ محمد علي گانگهارو، ڪامريڊ حڪم چنڊ، سيوا اڳواڻ غلام نبي ڀلائي، پي ٽي آءِ اڳواڻ ظهير پٺاڻ، ڊاڪٽر وحيد جتوئي ۽ ٻين پاران تعزيت ڪئي وئي. ان موقعي تي ڪامريڊ اظهر جتوئي جي لاڏاڻي گهري ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.