خيرپور مان نڪتل پسند پرڻو ڪندڙ ناري سکر هاءِ ڪورٽ ۾ پيش

سکر(رپورٽر) خيرپور جي علائقي ڳوٺ نصير فقير جلالاڻي مان چار مهينا اڳ مبينا طور پسند جي شادي لاءِ نوجوان زوار سيال سان  نڪري شادي ڪرڻ بعد مبينا طور گم ٿيل ناري جي بازيابي لاءِ سندس پريمي طرفان سنڌ هائي ڪورٽ ۾ داخل پٽيشن بعد خيرپور پوليس عدالتي حڪم تي ناري صنوبر جلالاڻي کي بازياب ڪرائڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ۾ جسٽس خادم حسين تنيو جي عدالت ۾ پيش ڪيو ٻڌڻي دوران ناري جا والدين پنهنجي وڪيل ارشاد حسين ڌاريجو سان گڏ پيش ٿيا، جڏهن ته پريمي زوار سيال جو وڪيل سهيل کوسو پيش ٿيو. ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نوجوان مٿان ناري جي مائٽن ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو آهي جنهن ڪري هو جيل ۾ آهي تنهنڪري ناري کي دارالامان موڪليو وڃي،  جڏهن ته ناري جي والدين جي وڪيل عدالت کي ناري والدين حوالي ڪرڻ جي استدعا ڪئي جنهن تي عدالت ناري صنوبر جلالاڻي کي دارالامان موڪليندي نوجوان جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي 23 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران ناري صنوبر جي وارثن جو چوڻ هو ته صنوبر نابالغ ۽ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي آهي کيس زوار سيال ۽ ٻن نوجوانن سميت اغو ڪيو آهي جڏهن ته پوليس صنوبر کي بازياب ڪرايو آهي باقي نوجوان ظاهر نه آهن، ٻئي طرف نوجوان جي مائٽن جي وارثن جو چوڻ هو ته ناري کي سندس ئي مائٽن قيد ڪري ڪيس اسان مٿان داخل ڪرايا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.