هالاڻي جي مک روڊ ۾ کڏا پئجي ويا، شهرين جو ڌرڻو

هالاڻي (ن ع آ)نيشنل هاءِ وي بس اسٽاپ هالاڻي روڊ کڊرات ۾ تبديل ٿي وڃڻ ڪري دڪاندارن ۽ شهرين لياقت علي خاصخيلي ،  عبدالرحمن ملاح ، ظفر علي مڱريو ، وقار خاصخيلي ، اڪبر بروهي ،ساجد علي ڪمبوه ،واسق علي ميمڻ ۽ ٻين بس اسٽاپ هالاڻي قومي شاهراه روڊ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته هالاڻي بس اسٽاپ وٽ قومي شاهراهه وفاقي حڪومت کان وسري ويو آهي برسات دوران هالاڻي مان گذرندڙ روڊ ٻنهي پاسن کان اکڙي تباه ٿي ويو آهي برساتن جي پاڻي جو نيڪال جو سسٽم نه هجڻ ڪري برسات جو پاڻي مهينو مهينو روڊ تي بيهجي وڃي ٿو هالاڻي بس اسٽاپ قومي شاهراهه جي اکڙيل روڊ ۾ وڏا وڏا کڏا پئجي ويا آهن. جنهن سبب ون وي روڊ تان ٽريفڪ کي هلڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن روڊ ٽٽڻ سبب ڪيترون ئي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن .  هنن وڌيڪ چيو ته روڊ ۾ کڏا هجڻ سبب اسٽاپ تي 24 ڪلاڪ ٽريفڪ جي رش هئڻ ڪري ٽٽل روڊ مان نڪرندڙ دزي جي ڪري ماڻهو نزلو ، زڪام دم ۽ مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن ۽ ڪاروبار کي پڻ وڏو نقصان پهچي رهيو آهي. هنن چيف جسٽس آف پاڪستان ، وزير اعظم ، وفاقي روڊ جي وزير کان مطالبو ڪيو ته بس اسٽاپ هالاڻي نيشنل هاءِ وي روڊ جلد کان جلد ٺھرائي ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.