راڌڻ ۾ بدامني، سماجي تنظيم جو احتجاج

راڌڻ  ( ن ع آ ) راڌڻ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ چورين ڦرين ۽ بدامني جي وڌندڙ واقعن خلاف سماجي تنظيم سيف جي اڳواڻ راجه  غضنفر جهتيال، هيومن رائيٽس پروٽيڪشن فورم  جي اڳواڻ نظر علي سولنگي، سٽيزن فورم جو اڳواڻ ۽ سوشل ورڪر عبدالستار جهتيال، سڪندر علي منگي، ڪليم رضا جويو، اختر علي خانزاده ،راشد شيخ، ضمير حسين سرگاڻي ۽ ساجد علي خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ سيوهاڻي چوڪ راڌڻ  تي احتجاجي مظاهرو ڪندي ايس ايڇ او راڌڻ خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته گذريل ڪافي وقت کان راڌڻ ۾ امن امان جي صورتحال موڪلائي چڪي آهي، هر روز جي وڌندڙ واقعن سبب شھري راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن، هلندڙ هفتي ۾ موٽر سائيڪلن ۽ چوپايو مال چوري ٿيڻ جا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن مگر ايس ايڇ او راڌڻ ڪا به ڪاروائي نه ڪئي آهي. ، مظاهرين وڌيڪ ٻڌايو ته پوليس پاران ڪا به ڪاروائي نه ڪرڻ هڪ افسوسناڪ عمل آهي موجوده حالاتن مطابق سموري شھر واسين ۾ بيچيني پکڙيل آهي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ شھرين آ۽ جي سنڌ ايس ايس پي دادو ڪئي  ته ايس ايڇ او راڌڻ امان الله چنه کي فوري طور هٽائي ڪنهن ايماندار آفيسر کي تعينات ڪيو وڃي ته جيئن علائقي واسي سڪون ۽ امن ڀري زندگي بسر ڪري سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.