پيارا ٻارو! اسان کي معاف ڪجو

ايڊيٽوريل

اڄ جڏهن ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي ته سچ پڇو ته اسانجو سماج ته ٻارن کي منهن ڏيکارڻ جي لائق ئي ناهي رهيو، سندن ڏينهن ملهائڻ ته ٻي ڳالهه آهي، ٻارن ڏانهن اسان جو مجموعي طور تي رويو ئي جاهلاڻو رهيو آهي. اسين چاهيندا آهيون ته ٻار اسان جي اکين سان ڏسن، اسان جي ڪنن سان ٻڌن، اسان جي زبان ڳالهائين. اسان جو معاشرو ٻار کي ٻار ئي سمجهندو رهيو آهي جڏهن ته حقيقت ۾ ڏسجي ته ٻار پنهنجي ذات ۾ بيحد سنجيده موضوع آهي. ٻار کي ٻار سمجهڻ ئي اسان جي سڀ کان وڏي غلط فهمي آهي. اسان پنهنجي ان سوچ ۽ ٻارن ڏانهن رکيل ان رويي تي کانئن معافي گهرون ٿا.

اسان جو هميشه کان اهو خيال رهيو آهي ته جيئن وڏن کي پنهنجو نفس هوندو آهي، عزت هوندي آهي تيئن ٻارن جو به پنهنجو نفس ۽ عزت هوندي آهي پر اسان عمر ۾ وڏي هئڻ جو ناجائز فائدو وٺندي سندن عزت ۽ نفس کي مجروح ڪندا رهندا آهيون، جڏهن چاهيون سندن بيعزتي ۽ تذليل ڪندا آهيون ۽ سندن دوستن توڙي مٽن مائٽن پاڙي وارن آڏو کين دڙڪا ڇڙٻون ڏيندي يا مٿن تشدد ڪندي اسان کي ذرو به احساس ناهي ٿيندو ته ٻارن جي به ڪا عزت هوندي آهي جيڪا اسان مجروح ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن گهر ۽ اسڪولن ۾ به اسان والدين، مٽ مائٽ يا استاد ٻارن جي عزت نه ڪندا سي ته ٻاهريان ماڻهو به پوءِ بي ڌڙڪ ٿي ساڻن زيادتيون ڪندا رهندا.

ٻارن لاءِ ته هاڻي اسان جو سماج رهزن، قاتل ۽ جنسي بگهڙ بڻجي ويو آهي. ٻارن سان بدفعلي جا چوٽ چڙهيل واقعا اسان جو دانگي سان مليل سماجي چهرو بڻجي ويا آهن. ٻارن لاءِ ته مدرسا به هاڻي غير محفوظ آهن. مذهبي جڳهن جو به احترام ناهي رهيو، اتي به جنسي بگهڙ مذهب جو ناجائز فائدو وٺندي ٻارن سان انتهائي شرم جوڳا فعل ڪن ٿا جيڪي عمل انسانيت جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏين ٿا. درندن ۽ وحشين جي هن سماج ۾ ٻارن جو وجود ڪنهن ريت به محفوظ ناهي تنهن ڪري اسان ٻارن جي آڏو ڪنهن ريت به ڪنڌ کڻڻ جهڙا ناهيون رهيا. سو ٻارن جي اڄوڪي عالمي ڏينهن تي ان وچن جي ضرورت آهي ته اچو ته ٻارن کي هڪ صحتمند، عزت ۽ احترام وارو سماج جوڙي ڏيون. اسان هميشه ٻارن کان وڏن لاءِ عزت طلب ڪندا آهيون پر پاڻ ٻارن کي عزت ڏيڻ پسند ناهيون ڪندا پر اڄوڪي ٻارن جي عالمي ڏينهن تي اسان پنهنجو احتساب ڪندي اوهان کي پڪ ڏيون ٿا ته اڳتي اوهان جي عزت ڪئي ويندي. توهان سان جيڪي به زيادتيون ٿين ٿيون، ناجائزيون ٿين ٿيون، جنسي ڏاڍايون ٿين ٿيون، اغوائن ۽ قتل جا واقعا ٿين ٿا، اسڪولن ۾ استاد اوهان تي جيڪو تشدد ڪن ٿا تن کي اسان اوهان جا ڏوهاري ۽ قاتل سمجهي کين عبرتناڪ سزا ڏيارڻ لاءِ اوهان جو آواز بڻجنداسين… اوهان جي سڀني حقن جو تحفظ به ڪنداسين ۽ احترام به ڪنداسين.

اسان کي افسوس آهي ته اسين هر سال روايتي طور تي عالمي ڏينهن ته ملهائيندا آهيون، سيمينار به ڪندا آهيون، ريليون به ڪڍندا آهيون، اسٽيجن تي اچي تقريرون به ڪندا آهيون، ٽي وي ۽ ريڊيو تي پروگرام به ڪندا آهيون، اخباري ايڊيشن به ڪڍندا آهيون پر اوهان کي سماج اندر جوڳو مقام نه ڏئي سگهيا آهيون پر هي عالمي ڏينهن اسان کي بهرحال اهو سبق هر سال ضرور ياد ڏياريندو آهي ته ٻار اوهان جو مستقبل آهن، هي ٻار سڀاڻي اوهان جا ملڪي سربراهه ٿيندا، مختلف ادارن جون واڳون سنڀاليندا تنهن ڪري اهو ياد رکو ته جيڪو فصل اوهان پوکيندئو سو ئي لڻندئو، ٻارن کي جيڪو اوهان ماحول ڏيندئو ان مان ئي اهي فيضياب ٿيندا ۽ اوهان کي اهو ڪجهه ئي ڏيندا جيڪو کين اوهان سيکاري سمجهائي وڏو ڪيو آهي پوءِ اڳتي هلي انهن مان سٺي حڪمران ٿيڻ يا سٺي ۽ مهذب انسان ٿيڻ جي به توقع نه رکجو.

ٻارن جي عالمي ڏينهن جو اهو سبق نه رڳو دل ۾ هنڊائڻ جهڙو آهي پر ساڳي وقت مڪافات عمل به ياد ڏياري ٿو. تنهن ڪري اچو ته ٻارن کي هڪ صحتمند، تعليم يافته ۽ مهذب ماحول مُهيا ڪري ڏيون ته جيئن مستقبل ۾ انهن کي ڏسي دنيا سندن وڏن جي پرورش کي سلام ڪرڻ تي مجبور ٿئي ۽ اسانجا ٻار به مستقبل ۾ اسان جي وڏن جي ڇڏيل ورثي تي فخر ڪري سگهن… في الحال ته سندن حوالي سان اسان جو سماجي چهرو داغدار ئي آهي جنهن تي اسان کانئن معافي وٺڻ چاهينداسين.

ترقي پسند پارٽي سان الطاف جسڪاڻي جي قتل تي تعزيت ڪجي ٿي

اسان سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين جي قتل تي ايس ٽي پي سان تعزيت ڪيون ٿا ۽ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته اها هڪ سياسي جماعت جي اڳواڻ جي قتل جو نه رڳو نوٽيس وٺي پر ان جي قاتلن کي گرفتار ڪري قانون ۽ انصاف کي بالادست رکڻ وارو حقيقي فرض ادا ڪري. اسان وٽ سياسي خونن کي لڪائڻ جي روايت رهي آهي جنهن جا هميشه کان خراب ئي نتيجا نڪتا آهن. سياسي نظام تي ان جا خوفناڪ اثر رهيا آهن.

ايس ٽي پي جي اڳواڻ قادر مگسي جي صدمي کي اسان شدت سان محسوس ڪيون ٿا ۽ الطاف جسڪاڻي جي قتل کي سنڌ جو نقصان سمجهون ٿا. حڪومت کي اهڙو ماحول ٺاهڻ گهرجي جنهن ۾ سياسي سرگرمين لاءِ ڪا رستا روڪ نه هجي. سياسي سرگرمين کي ڪنهن به نالي ۽ ڪنهن به شڪل ۾ روڪڻ جي اجازت نه ملڻ گهرجي. هن ملڪ کي ۽ سنڌ کي جيئن سٺين حڪومتن ۽ سٺن حڪمرانن جي ضرورت هوندي آهي تيئن سٺن سياستدانن جي به ضرورت هوندي آهي.

سياست ڪرڻ به هڪ حق آهي ۽ ان حق جي حفاظت رياست ۽ حڪومت جو اولين فرض آهي. سياسي تعلق کان هٽي ڪري به حڪومتن جي اها اولين ڊيوٽي هوندي آهي ته اها عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪري. جيڪڏهن سياستدانن کي ايئن ٽارگيٽ ڪري مارڻ جي واقعن کي نظرانداز ڪيو ويندو ته اهو معاملو فسادن، وڳوڙن ۽ پلاندن ۾ تبديل ٿيندو رهندو تنهن ڪري حڪومت کي گهرجي ته خوني معاملن ۾ قانون ۽ انصاف کي سخت ڪري ۽ سياسي اڳواڻن کي مڪمل طور تي سيڪيورٽي مُهيا ڪرڻ جا قدم کڻي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.