قومپرستن جي شاندار جدوجهد ۽ ڪجهه ناڪاري رخ

جاويد مهر

سنڌ جي گادي واري شھر ڪراچي جي ٻن سامونڊي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊار تي والار خلاف سنڌ جي قومپرستن جي تاريخي جدوجهد جاري آھي، اٽڪل ٻن مهينن کان هلندڙ ان احتجاج ۾ عوامي ردعمل به اهو ئي ساڳيو آھي، جيڪو پهرين ڏينهن احتجاج وقت هو، انهيءَ ڪري اهو چوندي خوشي محسوس ٿي رهي آھي ته سنڌي ماڻهو سنڌ حڪومت طرفان ٻيٽن جي وڪري بابت ڳجهه ڳوهه ۾ ڏنل اين او سي واپس وٺڻ ۽ وفاق پاران سنڌ سان زيادتي نه ٿيڻ واري خاطري کي ناٽڪ سمجهندي ان خلاف اول دستي جو ڪردار ادا ڪندڙ قومپرست پارٽين جو کليل نموني ساٿ ڏئي پنهنجي وسيلن جي اعلانيل مالڪي ڪري رهيا آھن، جيڪا وفاق ۾ تحريڪ انصاف ۽ سنڌ ۾ پي پي تي سندن مڪمل بي اعتمادي آھي، جنهن کي ٻيا ڀلي ڪهڙو به نالو ڏين پر سنڌ پرست سوچ رکندڙن جي نظر ۾ اهو سنڌ جي ماڻھن جو اهو سياسي شعور آھي، جيڪو هو پنهنجي ڌرتي، ٻولي، ثقافت، وسيلن ۽ مالڪي لاءِ استعمال ڪندا رهن ٿا ۽ انشاالله اڳتي به ان سگهه کي ايئن ئي ڪتب آڻي انهن قوتن کي ناڪام بڻائندا جيڪي ڳجهي نموني سنڌ خلاف سازشن ۾ مصروف آھن.

جيتوڻيڪ ٻيٽن بابت احتجاج ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿي رهيو آھي، پر ڪراچي ۾ ٿيل احتجاج وڌيڪ اثرائتو ثابت ٿيو آھي، جنهن ڪري سنڌ حڪومت کي  اها اين او سي ظاهر ڪري واپس وٺڻي پئي جيڪا ٻيٽن جي وڪري لاءِ وفاقي حڪومت کي اهڙي نموني جاري ڪئي وئي جو ڪنهن کي سڌ ئي نه پئي، افسوس ته پ پ جي سنڌ سرڪار اهو دوکو انهن سنڌين سان ڪيو، جن کيس سدائين ڪامياب ڪيو آھي ۽ ٻي اهم ڳالهه اها ته ان ڏکئي مرحلي تي سنڌين جو ساٿ وري اهي قومپرست هميشه جيان ڏي رهيا آھن، جن کي هنن عام چونڊن ۾ پ پ جي مقابلي ۾ سدائين هارايو آھي، ايستائين جو سيد جلال محمود شاهه سامهون ملڪ اسد سڪندر،  ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ اياز لطيف پليجي جي مقابلي ۾ ڄام خان شوري، سيد زين شاهه جي ڀيٽ ۾ ممتاز چانڊئي جڏهن ته امير بخش ڀٽي سامهون فريال ٽالپر کي اوليت ڏني وئي، جن مان ٽن ڄڻن تي سنڌ جي زمين بحريه ٽائون کي ڀڳڙن مٺ کپائڻ، ٻيٽ مفت ۾ لکي ڏيڻ ۽ ڪرپشن جا لاتعداد الزام آھن، پر جس هجي قومپرستن کي جن سمورين ڳالهين، ڪاوڙ ۽ شڪايتن باوجود سنڌ ۽ سنڌي عوام سان پاڻ ملهايو آھي، ان ڪري ان ميلاپ، ڳانڍاپي يا تعلق لاءِ جيڪڏهن ”هن عشق جي انداز کي سجهڻ ته ڏکيو آ“ چئجي ته بلڪل صحيح هوندو.

عشق جو اھو انداز جڏهن ڪراچي ۾ اختيار ڪيو وڃي ٿو ته اهو وڌيڪ خوبصورت نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڪراچي ۾ 70 ۽ 80 واري ڏهاڪن ۾ سنڌي ماڻھن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، پر وقت ثابت ڪيو آھي ته ڌرتي ڌڻي ڀلي ڪيڏا به ڪمزور ڇو نه هجن، اهي پنهنجي وطن جي مالڪي ڪرڻ ڄاڻين ٿا، سنڌي قوم هن وقت ان تاريخي مرحلي مان گذري رهي آھي، ون يونٽ کان ويندي ٻيٽن جي وڪري خلاف هن اتحاد جو عملي مظاهرو ڪيو آھي، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ جي مالڪي جي معاملي تي سنڌي قوم ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين هڪ پيج تي آھي.

جيئن پاڻ مٿي ذڪر ڪيو ته ٻيٽن جي معاملي تي سنڌي ماڻھو ذري گهٽ ٻن مهينن کان احتجاج ڪري رهيا آھن، جيڪو ساراهه جوڳو ۽ وقتائتو قدم آھي، پر پاڻ اڄ ان هاڪاري عمل ۾ نمايان ٿيندڙ هڪ ناڪاري رخ تي ڳالهائنداسين، جنهن جي ڪري هيڏي ساري جدوجهد کي مسلسل ڌڪ رسي رهيو آھي، جنهن جي نشاندهي ڪرڻ هر سنڌ دوست جو فرض آھي ۽ سوشل ميڊيا تي ان بابت گهڻا دوست لکي به رهيا آھن، اهو ناڪاري رخ اهو آھي ته ڪراچي وارن جلسن، ڌرڻن ۽ مظاهرن ۾ ماڻهو وڏي انگ ۾ اچڻ باوجود قومپرست کين ان نموني ظاهر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃن ٿا، جيتري انگ ۾ اهي هوندا آھن، ان ڏس ۾ مثال ڏيڻ لاء ڪو هڪ جلسو، مظاهرو يا ڌرڻو ناهي، ڪيترن ئي اهڙن پروگرامن کي نشاندهي لاء مثال بڻائي سگهجي ٿو، پر پاڻ ماضي کي ڇڏي حال جو ذڪر ڪيون ٿا.

ڪراچي ۾ قومپرستن جي تازن پروگرامن ۾ اها ڳالهه هر ڀيري جيان محسوس ٿي ته شرڪت لاءِ ايندڙن مان وڏو انگ ويهڻ بدران گهمڻ ڦرڻ ۾ گذاري هليو وڃي ٿو، تازو جيڪي به گورنر هائوس ٻاهران احتجاج ٿيا، انهن ۾ ايئن ئي نظر آيو، 11 پارٽين جي اتحاد سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي احتجاج وقت پڻ ڪجهه اهڙا منظر ڏسڻ وٽان مليا، اهو ڏسي حيرت ٿي ته جلسو/ ڌرڻو شروع ٿيڻ کان آخر تائين اهڙن ماڻھن جو وڏو انگ مقرر جاءِ تي ويهڻ بدران هوٽلن، شاپنگ سينٽرن ۽ ريڙھن تي موجود هو جڏهن ته ٻيا ٽولا وري خوبصورت هنڌن سامهون بيهي سيلفيون ۽ ٻئي فوٽوگرافي ڪندا رهيا، ان کان وڌيڪ حد اها هئي ته ماکي جي مک وانگي ماڻھو ڦوهاري چوڪ کي چنبڙيا بيٺا هئا، جن کي اتان اٿاري جلسي گاهه واري هنڌ وٺي وڃڻ وارو ڪو به نه هو، جيتوڻيڪ ان ڪم لاءِ رضاڪار موجود هئا، پر سندن دلچسپي شيون خريد ڪري اچڻ ۽ جلسي جي پنڊال کان ٿورو پرڀرو ٿي سنگت سان گڏجي کائيڻ پئيڻ ۾ وڌيڪ محسوس ٿي رهي هئي، عام ڪارڪنن کان ويندي ڪجهه اهم عهدن وارا اڳواڻ به ڦوهاري چوڪ کان ٿيندا زينب مارڪيٽ وٽ موجود نظر آيا، ان وقت اسٽيج تي مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪري رهيا هئا ۽ ٻئي پاسي وري هر ڪو ٽولين جي صورت ۾ ويهي هڪٻئي سان حالي احوالي هو.

پنڊال جو جائزو وٺڻ دوران جتي اها ڳالهه واضح محسوس ٿي ته رضاڪار ڪنهن به ڪارڪن کي ڊسيپلن تي عمل نه ڪرائي رهيا هئا، ساڳئي نموني اسٽيج تان به ڪو اهڙو هدايت نامو جاري نه ٿيو ته سمورين پارٽين جا جلسي مان گهمڻ لاء  نڪتل ڪارڪن واپس اچي پنڊال ۾ ويهن، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته جلال محمود شاهه ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي جي خطابن وقت به اهي ڪارڪن موجود نه هئا، هتي اهو به ٻڌائڻ ضروري آھي ته جلسي ۾ اهو ناڪاري رخ به صاف نظر آيو ته جنهن پارٽي جو سربراهه خطاب ڪندو پئي ويو، ان جا ڪارڪن جهنڊا ويڙھي واپسي جو رستو وٺندا پئي ويا، جنهن ڪري سيد جلال محمود شاهه جي آخر ۾ خطاب مهل اڌ پنڊال خالي ٿي چڪو هو، ڪجهه ڄاڻ سڃاڻ وارن ڪارڪنن ته اهو به ٻڌايو ته هو آخري خطابن وقت  شاهراه فيصل تي نرسري وٽ موجود هئا، ڇاڪاڻ ته انهن چواڻي سندن پارٽي سربراهه سوير تقريرون ڪري چڪا هئا، انهيءَ ڪري هنن اتي وڌيڪ بيهڻ مناسب نه سمجهيو.

جلسي جو ٻيو ناڪاري رخ اهو به هو ته اهي سنڌ جو گڏيل اشو هجڻ باوجود شخصي نعرا لڳندا رهيا، اسٽيج تان ان معاملي تي روڪڻ جي ڪوشش ضرور ٿي، پر ان هدايت تي ڪجهه سياسي پارٽين جي ڪارڪنن پنهنجي توهين سمجهندي عمل نه ڪيو، ان کان به وڌيڪ ناڪاري ڳالهه اها هئي ته سندن پارٽي سربراهه خاموش ٿي سڀ ڪجهه ڏسي به اڻڄاڻ بڻيا ويٺا رهيا، شايد اهو ئي ڪارڻ ھو ته هڪ ٻئي کي جهنڊا اڀا ڪري ڏيکارڻ جي چڪر ۾ پنڊال ۾ ويٺل ماڻھو اسٽيج تي خطاب ڪندڙ اڪثر اڳواڻن کي ڏسڻ کان محروم رهيا، ڊاڪٽر قادر مگسي کي جس هجي جنهن پنهنجي خطاب وقت سڀني پارٽين جي جي ڪارڪنن منٿ ميڙ ڪري جهنڊا هيٺ ڪرايا، ان بعد سڀني کي خبر پئي ته ڪهڙو اڳواڻ ڪٿي بيٺو آھي ۽ ماڻھن سمورن اڳواڻن جو ٽن ڪلاڪن ۾ پهريون ڀيرو ديدار ڪيو.

سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ان جلسي ۾ سنڌي ماڻھن جو انگ چڱو ڀلو موجود هو، پر ان کي 11 پارٽين جي حساب سان مطمئن ڪندڙ نٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته عوامي تحريڪ، ايس ٽي پي ۽ قومي عوامي تحريڪ اڪيلي سر جيڪي مارچ، جلسا يا ڌرڻا هنيا، انهن ۾ آيل ماڻھن جي ڀيٽ ۾ تعداد گهٽ هو، مٿان وري انهن جي به بازارن ۾ گهم ڦر هجي ته اهو قومپرست سياست لاء وڏو الميو آھي، اهي تلخ ڳالهيون ڪجهه ماڻھن کي شايد نه وڻنديون هجن پر اسان ۽ جنهن صورتحال کي منهن ڏيون پيا، ان ۾ حقيقت پسند ٿيڻو پوندو، هاڻ سوشل ميڊيا ۽ ڊرون ڪيمرا جي جديد ٽيڪنالوجي جو دور آھي، ان ڪري سون کي هزارين ۽ هزارن کي لکين ماڻھو قرار ڏيڻ وارو وقت ويو.

ڪجهه دوستن جو خيال آھي ته قومپرستن جي ڪراچي وارن جلسن ۾  ماڻھو  ان ڪري هوٽلن تي يا پنڊال کان ٻاهر گهمندي ڦرندي نظر ايندا آھن جو اهي ٻين شھرن مان اچن ٿا، مطلب ته ٿڪاوٽ ۽ بک يا اڃ کين ائين ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي، جنهن کان ڪو انڪار نٿو ڪري سگهي، ان ڪري ئي ته اهي رڙيون ڪندا آھيون ته قومپرست ڪراچي ۾ پاڻ کي مضبوط ڪن، ڇاڪاڻ ته ڪراچي جي مختلف علائقن مان نڪتل ماڻھو ٻين شھرن مان ايندڙ ماڻھن جي ڀيٽ ۾ تازو توانو هوندو ۽ مقامي هجڻ جي ڪري کين گهمڻ ڦرڻ جي ضرورت نه هوندي ۽ اهم شيءِ اها ته ڏورانهين شھرن مان هڪ بس جو ڪراچي تائين ڪرايو 30 کان 40 هزار رپيا لڳي ٿو، ڪراچي جي مختلف علائقن مان ان رقم مان 10 بسون ڀري جلسن ۾ شريڪ ٿي سگهجي ٿو، معني خرچ به گهٽ ۽ ماڻھو به وڌيڪ اچي سگهن ٿا، پر اهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن قومپرست ڪراچي جي سمورن سنڌي علائقن ۾ تنظيم سازي ڪن، جيڪا هن وقت ڪنهن به پارٽي جي ناهي.

مٿين ڳالهين ۽ نشاندهين جو مطلب مايوسي پکيڙڻ ناهي، پر اصل ۾ اهو ٻڌائڻ آھي ته اچو ته پنهنجو احتساب ڪري ايندڙ وقت جي رٿابندي ڪيون، ڇاڪاڻ ته بنا ڪنهن رٿابندي جي ڪا به جدوجهد ڪامياب نٿي ٿي سگهي، ان لاءِ ضروري آھي ته ڪراچي ۾ پير مضبوط ڪيون ۽ ٻي اهم ڳالهه اها ته قومپرست قيادت ڪارڪنن جي سياسي تربيت ڪري، جيڪا نه ھجڻ جي ڪري سٺي شرڪت باوجود واسطيدارن ۽ ميڊيا ۾ اهو تاثر هليو ويندو آھي ته ماڻھو گهٽ آيا، انهي ڪري سموريون پارٽيون اسٽيڊي سرڪل شروع ڪن، جن ۾ ڪارڪنن کي جلسن ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ آخر تائين موجودگي يقيني بڻائڻ سميت سياست جا اصول ٻڌايا وڃن، اميد ته قومپرست ڌريون ان ۾ بلڪل ايئن بهتري آڻينديون جئين هنن عورتن جي وڌيڪ شرڪت کي يقيني بڻايو آھي، پر اهو چڱو ڪم سندن ڪجه ناڪاري رخن ۾ دٻجي ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.