اساما آپريشن کانپوءِ اوباما جو فرمان

نصرت جاويد

موجوده دور ۾ دنيا جي واحد سپر طاقت سمجھيو ويندڙ هڪ ملڪ آهي، آمريڪا. باراڪ حسين اوباما نالي جي هڪ ڪاري رنگ واري 2008ع جي صدارتي چونڊ کٽي ان ملڪ جي تاريخ جوڙي هئي. ان کانپوءِ هو اٺن سالن تائين هڪ طاقتور ترين صدر رهيو، پر 2016ع ۾ وائيٽ هائوس ڇڏڻ کان اڳ هن آمريڪي  پارليامينٽ کي الوداعي خطاب ڪندي واضح لفظن ۾ ان خدشن جو اظهار ڪيو هو ته “ايندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين” اسان جو خطو يعني ڏکڻ ايشيا جنهن ۾ پاڪستان، ڀارت ۽ افغانستان جهڙا ملڪ به شامل آهن، سياسي عدم استحڪام ۽ ڏڦيڙ جو شڪار رهندو.

اوباما جي ڄاڻايل خطاب کانپوءِ اڪثر هن ڪالم ذريعي فرياد ڪندو رهيس ته وائٽ هائوس مان موڪلائڻ کان اڳ اوباما صرف ڏکڻ ايشيا بابت ئي پريشان ڪندڙ ڳالهه ٻولهه ڇو ڪئي. ان آفريڪا يا لاطيني مريڪا جو ذڪر ڇو نه ڪيو؟ غريب ملڪ دنيا جي هر خطي ۾ هزارين ڏکياين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هٿ ٺوڪيو “مهذب” يورپ به هاڻي وحشياڻي نسل پرستي جي وڪڙ ۾ آهي. برطانيا پنهنجي “سڃاڻپ” برقرار رکڻ جي ضد ۾ يورپي يونين کان ڌار ٿي چڪو آهي. جرمني ۾ کوڙ سارن ماڻهن کي هٽلر جي ياد اچڻ شروع ٿي وئي آهي. فرانس جو صدر جنوني ٿي اسلام خلاف جنگ جو اعلان ڪري چڪو آهي. پولينڊ ۽ هنگري ۾ آمراڻو نظام  پنهنجي عوج تي آهي. اڳوڻي سوويت يونين کان ڌار ٿي هڪ ملڪ “بيلارس” گذريل ٽن مهينن کان عوامي احتجاج کي منهن ڏئي رهيو آهي. اتان جي عوام تازو ئي صدارتي چونڊن جي نتيجن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. حالتون بدلائڻ جي ڪا صورت نظر نه پئي اچي.

سياسي معاملن کان هٽي ڪري ڪرونا به آهي، جنهن 2020ع کي عالمي تاريخ جو ڀوائتو سال بڻائي ڇڏيو آهي جيڪو سڄي دنيا ۾ ڪيترن ئي صدين کان موجود رياستي ۽ انتظامي ڍانچن جي بقاءَ بابت هزارين سوال اٿارڻ جو سبب بڻيو. وائٽ هائوس کان موڪلائڻ وقت صدر اوباما انهن سمورين حقيقتن جي نشاندهي نه ڪري سگھيو. ان جي سُئي ڏکڻ ايشيا تي ئي اٽڪيل رهي. آئون ان جي “دانشوري” کي سنجيدگي سان وٺڻ ۾ وقت زيان ڇو ڪريان؟ پر اڱاري جي رات خبر اها پئي ته اوباما جي خيالن کي ان جي ملڪ ۾ ئي نه پر سڄي دنيا ۾ به کوڙ سارن پڙهيل لکيل ماڻهو هاڻي به سنجيدگي سان وٺندا آهن. اقتدار کان واندڪائي کانپوءِ ان ساڍا ٽي سال لڳائي هڪ ڪتاب لکيو آهي. A Promised Land  ان جو عنوان آهي. اڱاري جي رات ان ڪتاب جو مهورت ٿيو آهي.

ان ڪتاب جي بازار ۾ اچڻ کان اڳ ئي ڏيڍ لک ماڻهن ان کي خريدڻ جا آرڊر ڏنا هئا. ان انگ کي ذهن ۾ رکندي ڄاڻايل ڪتاب جي پبلشر فيصلو ڪيو ته شروعات ۾ ان جون 32 لک ڪاپيون شايع ڪيون وڃن. ان کي خريدڻ جي خواهش جو اظهار ڪندڙن جي انگ ۾ حيران ڪندڙ حد تائين اضافو ٿيندو رهيو. پبلشر آخرڪار امڪاني طلب پوري ڪرڻ لاءِ جرمني جي هڪ پريس کان ڏهه لک اضافي ڪاپين جي تياري لاءِ رابطو ڪيو. اڱاري جي رات ان ڪتاب جون 50 لک ڪاپيون مارڪيٽ ۾ پهچايون ويون.

ساڍا ست سئو کان وڌيڪ صفحن تي ٻڌل ان ڪتاب جي قيمت 45 ڊالر آهي، پر پنجاهه لک ماڻهو ان کي خريد ڪري پڙهندا. ان ڪتاب ۾ اسامه بن لادن خلاف ٿيل مئي 2011ع واري آپريشن جو ذڪر به آهي. ان حوالي سان اوباما جي بيان ڪيل ڪهاڻي کي 50 لک پڙهندڙ ڏاڍو سنجيدگي سان وٺندا. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اوباما پنهنجي ڪتاب م اها ڳالهه ٻولهه به تفصل سان لکي وڌي آهي جيڪا اساما خلاف ٿيل آپريشن کانپوءِ پاڪستان جي صدر ۽ انهن ڏينهن جي آرمي چيف سان ٿي هئي. اوباما تي اعتبار ڪريون ته اسان جي حڪمرانن کي ڄاڻايل ڪتاب موجب آپريشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ صرف ان جو ”اطلاع“ ڏنو ويو هو. اسان جا ”مائي باپ“ ان کان ”معاملو سنڀالڻ“ جو مطالبو ڪندا رهيا. الله الله خير صليٰ.

اوباما جو تازو ڪتاب اساما بن لادن جي حوالي سان پاڪستان جي باري ۾ جنهن تاثر کي هٿي ڏيندو ان کي نيويارڪ ٽائمز ۽ سي اين اين جهڙا ادارا لوڻ مرچ لڳائي ڇاپيندا. ڀارتي ميڊيا کي به ان جي ڪري پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇڻ لاءِ وڏي مقدار ۾ مواد ملندو. سوال اٿي ٿو ته 50 لک ماڻهن پاران پڙهيل هڪ ڪتاب پاڪستان جي باري ۾ جيڪو تاثر پکيڙيندو ان جو ٽوڙ منهنجا کوڙ سارا هنرمند ساٿي پنهنجي يوٽيوب چينلن ذريعي ڪيئن جوڙي سگهندا. جيڪي پنجاهه لک پڙهندڙ اوباما جو ڪتاب 45 ڊالر خرچ ڪري پڙهندا انهن مان شيد هڪ به اردو ٻولي پڙهي نٿو سگھي. يوٽيوب تي ان ٻولي ۾ بيان ٿيل قصا به انهن تائين پهچي نه سگھندا. اساما بن لادن جي حوالي سان ان ڪري ڳالهه اها ئي تصديق ٿيل سمجھي ويندي جيڪا آمريڪا جي اٺ سال اڳ اقتدار ۾ رهندڙ “تاريخ جوڙيندڙ ڪاري رنگ واري” صدر اوباما بيان ڪئي هوندي.

اساما آپريشن کانپوءِ اسان وٽ جاويد اقبال صاحب جي سربراهي ۾ حققتن جي تلاش لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪميشن قائم ڪيو ويو هو. “سڀني تي بالادست” هجڻ جي دعويدار پاڪستان جي ”چونڊيل“ پارليامينٽ هڪ گڏيل اتفاق سان قرارداد ذريعي ان ڪميشن جي قيام جي منظوري ڏني هئي. ڄاڻايل قرارداد اهو “حڪم” به صادر فرمايو هو ته ڪميشن جي رپورٽ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ منظر عام تي آندي ويندي. 2013ع جي شروعات ۾ گھربل رپورٽ تيار ٿي وئي، پر ان کانپوءِ کان وٺي هيل تائين وزيراعظم جي آفيس ۾ موجود ڪنهن الماڙي ۾ بند آهي. اها رپورٽ اسان جي علم ۾ آندي وڃي ها ته ان جي بنياد تي اوباما جي اساما آپريشن بابت ڪهاڻي تي سوال پڪ سان اٿاري ٿي سگھياسين. ان کان سواءِ ته مستند آهي اوباما جو فرمايل” وارو معاملو ئي رهندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.