هڪ ئي ڏينهن ۾ سنڌ کي ڌوڏيندڙ ٽي واقعا

هڪ ڏينهن ۾ سنڌ کي ڌوڏيندڙ 3 اذيت ناڪ واقعا ٿيڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي هڪ طرف شامڙيءَ جو سڄي سنڌ ۾ ڏکوئيندڙ خبر ڇانئجي وئي ته ايس ٽي پي جو وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي پنهنجي ئي جنم ڀومي ٽنڊوالهيار ويجهو ڪيريا شيخ باءِ پاس وٽان گولين سان زخمي حالت ۾ پاڻ ۽ سندس گاڏي کاهيءَ ۾ ڪريل ملي ٿي ۽ سندس حياتي بچائڻ لاءِ سندس ساٿي ۽ اوڙي پاڙي جا ماڻهو حيدرآباد اسپتال لاءِ روانا ٿين ٿا ته اسپتال ۾ پهچڻ کان اڳ ئي سندس ساهه جي تند ٽٽي پوي ٿي. جڏهن ته الطاف جسڪاڻيءَ جي هن ڏکوئيندڙ واقعي تي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ٻين ڄاڻايو آهي ته الطاف جسڪاڻيءَ جو ڪيتري وقت کان متحده جي اڳوڻي اڳواڻ ۽ موجوده پي ٽي آءِ اڳواڻ اسلم رند سان تڪرار هلندڙ هيو، مهينو اڳ اسلم رند مٿان جيڪو حملو ڪيو ويو هو ان ڪيس ۾ الطاف جسڪاڻيءَ جي ٻن ڀائرن کي نامزد ڪيو ويو هو. هي حقيقتون ته معاملي جي جاچ ٿيڻ کان پوءِ ئي معلوم ٿي سگهن ٿيون ۽ ٿي سگهي ٿو ته ماضي جي شهيدن جيان الطاف شهيد جي قاتلن جو پير کُر نه ملي سگهي ڇو ته اهڙا واقعا ۽ سانحا سنڌ ڀوڳيندي رهي آهي خبر ناهي ته اڃا ڪيتري وقت تائين اهڙيون اذيت ناڪ ڪهاڻيون هن وطن جا ماڻهو ٻڌندا ۽ ڏسندا رهندا.

هونئن به ڏٺو وڃي ته جڏهن غلامي جو ڀوت ڇڙواڳ ٿي پوندو آهي ته پوءِ ڪيترن ئي انسانن کي غلام بڻائڻ لاءِ انهن جون حياتيون کسڻ ۾ دير ئي نه ڪندو آهي. الطاف جسڪاڻي قومي ورڪر جنهن شاگردي دور ۾ سياست ۾ قدم رکيو ۽ هميشهه ڌرتي جي حقن لاءِ هر جدوجهد ۾ اڳڀرو رهيو ڪڏهن به پوئتي هٽڻ جي ڪوشش نه ڪئي ڪالاباغ ڊيم، ٻٽي مڪاني نظام، آدمشماري مهم، ٻيٽن وارو مسئلو يا وري سنڌي ٻوليءَ جي وجود جو سوال هجي هر مسئلي تي نمايان ڪردار ادا ڪندو رهيو.

اهڙي ئي تسلسل ۾ سنڌ جي امر ڪردار باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي خاندان جو چشم چراغ ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجهد جي پهرئين شهيد ڪامريڊ مظهر جتوئي جو فرزند اظهر جتوئي جيڪو سنڌ هاري ڪاميٽي جو سرواڻ به هيو ان جو اوچتو لاڏاڻو به سنڌ لاءِ انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو آهي ڇو ته هن وقت به سنڌ کي الطاف جسڪاڻي ۽ اظهر جتوئيءَ جهڙن جاکوڙي ڪردارن جي وڏي ۾ وڏي ضرورت آهي ڪامريڊ اظهر جتوئي جيڪو ڪيتري وقت کان معذوريءَ واري حالت ۾ گذارڻ باوجود سنڌ جي هر مسئلي تي جدوجهد ۾ پاڻ کڻائي به شريڪ ٿيندو هو.

هن عملي سياست ۾ ته پنهنجي والد ڪامريڊ مظهر جتوئي جي لاڏاڻي کان پوءِ پير پاتو پر ڏٺو وڃي ته ضيائي آمريت ۾ به پنهنجي ڏاڏي ۽ والد جي نقش قدم تي هلي ثابت قدم رهيو. ٻيٽن تي والار خلاف تحريڪن ۾ هارين جي حقن لاءِ اڳڀرو رهڻ سان گڏ سنڌوءَ تي ڊيم اڏڻ يا سنڌ سان ٻين ٿيندڙ ظلمن خلاف پنهنجو عزم ورجائيندو رهيو ۽ باباءِ سنڌ جيان هميشهه اڳڀرو رهيو. هن باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ڪرايا ۽ ان جو لکيل عظيم علمي ادبي ورثو شايع ڪرائيندو رهيو ته جيئن پورهيت طبقو پنهنجي ۽ پرائي جي پرک ڪري سگهي. ڏٺو وڃي ته هن وقت جيتري پورهيتن جي تحريڪ جي ضرورت آهي ايتري شايد اڳي نه هئي جو هن وقت سنڌ ٻٽي غلامي مان گذري رهي آهي ۽ ههڙن سپوتن جو اوچتو وڇڙي وڃڻ سنڌ لاءِ سٺو سنوڻ نه پر تمام وڏو الميو آهي ڇو ته اڳي ئي سڄي سنڌ جنهن عذاب مان گذري رهي آهي ۽ سنڌ سان جيڪو ڪجهه هن وقت ورتاءَ ڪيو پيو وڃي اهڙي صورتحال ۾ بدبودار سماج کي سياسي ماڻهو ۽ ساڃاهه وند ماڻهو ئي منهن ڏئي سگهن ٿا.

جهڙي طرح الطاف جسڪاڻي ۽ ڪامريڊ اظهر جتوئيءَ جي وڇوڙي جي خبر وڄ جيان سنڌ جي سڄڻن تي ڪڙڪي پئي ائين ئي ميرن واري خيرپور ۾ پ پ اڳواڻ نواب وساڻ جي ڀاڻيج بلاول وساڻ جيڪو پوليس ۾ اي ايس آءِ هيو انهيءَ نوجوان کي سندس ئي ويگو گاڏيءَ ۾ باهه ڏئي ساڙيو وڃي ٿو سو به انتهائي اذيت ناڪ نموني سان جو بلاول وساڻ جون ٻانهون ۽ ڄنگهون ڪٽيل هئڻ سان گڏ سندس ميڄالو به ثابت نه هيو اهڙي ڏکوئيندڙ خبر ۽ اهڙو اذيت ناڪ واقعو سنڌ ۾ رونما ٿيڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته هن ڌرتيءَ کي تاراج بڻائڻ لاءِ اڃا به ڳجهون لامارا ڏئي رهيون آهن ته ڪو به ڌرتيءَ نوجوان جيڪو سوچيندڙ ۽ سماج ۾ سٺي سوچ رکندڙ هجي اهو هجي ئي نه هتي رڳي اهي سرمائيدار، ڀوتار ۽ وڏيرڪي سوچ جا پاٿاريدار هجن جيڪي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي پنهنجي ئي ماڻهن کي مارائڻ ۽ ساڙائڻ ۾ پيش پيش هجن اهي ئي زندهه هجن سو الطاف جسڪاڻي ۽ بلاول وساڻ جو واقعو ڪو معمولي واقعو ناهي هنن ٻنهي واقعن تي سنڌ سرڪار کي جي آءِ ٽي جوڙي تحقيقات ڪرائڻ گهرجي ته اهي ڪهڙا هٿ آهن جيڪي سنڌ جي نوجوانن کي ائين رستي تي ماري يا ته ساڙيا وڃن ٿا يا وري کين رستن تي ماري اڇلايو وڃي ٿو جيستائين اهي مخصوص هٿ پڌرا نه ٿيندا تيستائين اهڙا واقعا ٿيندا رهندا.

ڪامريڊ اظهر جهڙا جوڌا پنهنجو سيس سهائي ساهه ڏيندا رهندا ۽ روزانو الطاف جسڪاڻي ۽ بلاول وساڻ جهڙا نوجوان ڳڀرو پنهنجي ئي وطن ۾ بيدرديءَ سان شهيد ٿيندا رهندا. سو الطاف جسڪاڻي ۽ بلاول وساڻ جي هڪ ئي ڏينهن ۾ هن اذيت ناڪ وڇوڙي سڄي سنڌ کي ڌوڏي ڇڏيو آهي ۽ روئاري ڇڏيو آهي آخر هن ڌرتي ڌڻين جا ڳوڙها ڪير اُگهندو. ؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.