ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف ننگر کان نڪتل پنڌ مارچ مٺي پهتو، آجيان، ڌرڻو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ ڪولهي اتحاد پاران ننگرپارڪر کان نڪتل پيادل لانگ مارچ مٺي پهچي ويو،رڻشال ڪولهي،ڀرمي ٻائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتل  پيادل لانگ مارچ ۾ ڪولهي برادري جي عورتن پڻ شرڪت ڪئي،پيادل لانگ مارچ جو مختلف هنڌن تي سياسي سماجي ڌرين پاران استقبال ڪيو ويو،لانگ مارچ مٺي پهچڻ بعد ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي ويئي،مارچ ۾ شريڪ ماڻهن ۽ عورتن تي گلن جي ورکا ڪئي ويئي،احتجاج ڪندڙن پاران مسئلن خلاف مٺي کان ڪراچي تائين مارچ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ويئي آهي،اُنهي سلسلي ۾ لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪندڙن رڻشال داس ڪولهي،ڀرمي ڪولهي،ماوجي ڪولهي،ڀاڳي شري ۽ ٻين چيو ته ڪارونجهر جبل جي پٿر جون ڀڳڙن مٺ عيوض ليزون ڏيئي اسانجي قديمي تهذيب سان کيڏيو پيو وڃي،ڪارونجهر جبل جو پٿر ڪٽڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي،ڪارونجهر جبل اندر گگرال وڻ کي ڪيميڪل ذريعي ختم ڪندڙ مافيائن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي،ننگرپارڪر جي محڪوم ۽ مظلوم برادرين کي سمورن بنيادي حقن کان محروم رکي کين دربدر ڪيو ويو آھي،بنيادي حقن ۽ ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف 2 سئو ڪلوميٽر روپلو ڪولهي جي يادگار کان مٺي تائين لانگ مارچ ڪري پهتا آھيون،ڪارونجهر جي ڪٽائي بند نه ڪئي ويئي ۽ کين بنيادي حق نه ڏنا ويا ته ايندڙ لانگ مارچ مٺي کان ڪراچي طرف هوندو،سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪيو ويندو،جڏهن ته ڪولهي اتحاد پاران لانگ مارچ جي پڄاڻي تي 10 قراردادون منظور ڪيون ويون،اُنهي قراردادن مطابق ته ٿرپارڪر ۾ اينيمي پراپٽي هيٺ آيل زمين جا مقامي قبضيدار  لينڊ ليس ماڻھن کي مالڪاڻا حق ڏنا وڃن،جبل جي سونهن فقير وڻ گگرال کي ٽڪ هڻي قتل ڪرڻ بند ڪريو،انساني آبادي ۽ ڌرتي جي سونهن جھنگلي جيوت  پکي پکڻ جي جياپي لاءِ ڊيمن مان زرعي مقصدن خاطر پاڻي کڻڻ بند ڪريو،پسمانده آديواسي شيڊيولڊ ڪاسٽ برادرين جي قبرستانن ۽ زمينن تان قبضا ختم ڪرايا وڃن، ڪارونجهر سميت سمورين ٽڪرين کي ليز تي ڏيڻ بند ڪريو،پارڪر جي ريتي ۽ بجري کي مقامي ماڻھن جي گھريلو استعمال ڪرڻ تان پابندي ختم ڪئي وڃي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.