موبائل تي ڳالهائڻ تان ڪارنهن جو الزام، ڪوٽڏيجي ۾ عورت قتل

ڪوٽڏيجي (ن ع آ ) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ڇوڏاهو پوليس چونڪي ڀرسان ڳوٺ فيضل مهر ۾ گذريل رات دير سان  ڏير نظير مهر ڪارنهن  الزام هيٺ پنهنجي 22 سالا ڀاڄائي مسمات شڪيلا مهر زال احمد مهر کي ڪهاڻيون هڻي بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويو قتل ٿي ويل عورت جي وارثن جو چوڻ هو ته ملزم نظير مهر موبائيل فون تي ڳالهائڻ جو جواز ڄاڻائي پنهنجي ڀاڄائي کي قتل ڪيو آهي جنهن بعد ڪوٽڏيجي پوليس جوابدار جي ڀاءُ ۽ پٽ کي گرفتار ڪيو هو ،ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي سختي سان نوٽيس ورتو جنهن بعد ڪوٽڏيجي پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي مک جوابدار نظير مهر کي ڪهاڙي سميت گرفتار ڪري ورتو مٿس سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.