ڪراچي مان کنڀيل سهيل ميراڻي ۽ بشير شر سميت چار ڄڻا ميرپورخاص مان ظاهر

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي  مان مبينا طور کنڀجي ويل 4 ڄڻن جي ميرپورخاص مان گرفتاري ظاهر، چئني ڄڻن تي رينجرز تي حملن ۾ ملوث  ۽ واسطو پابندي مڙهيل سنڌ ريوليوشن آرمي سان ظاهر ڪيو ويو. ان حوالي سان سي ٽي ڊي ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي عمر شاهد حامد ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته چئني جوابدارن کي ميرپور خاص مان گرفتار ڪيو ويو آهي، جن جي قبضي مان هينڊ گرنيڊ، پسٽل ۽ گوليون هٿ آيون آهن، عمر شاهد حامد  موجب گرفتار ڪيلن ۾ سارنگ عرف سهيل ميراڻي، بشير شر، انيس احمد ۽ خاوند بخش عرف سليم سنڌي شامل آهن، هن وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن  مان 2 سڌن حملن ۽ 2 جائزي وٺڻ ۾ ملوث آهن، هن ٻڌايو ته جوابدارن 10 جون 2020 تي ڪامران چورنگي وٽ رينجرز موبائل تي دستي بم حملو ڪيو، 10 جون تي ملير منزل پمپ ويجهو رينجرز چوڪي تي دستي بم حملو ڪيو، 19 جون تي لياقت آباد ۾ احساس پروگرام جي آفيسر ٻاهران بيٺل رينجرز جي موبائل تي دستي بم حملو ڪيو، جڏهن ته ساڳي ڏينهن گهوٽڪي ۾ رينجرز موبائل تي دستي بم حملو ڪيو جنهن ۾ 2 رينجرز اهلڪار ۽ هڪ شهري مارجي ويو هو. جوابدارن پنهنجي ساٿي نياز لاشاري جو لاش ملڻ بعد رينجرز جي گاڏين تي حملا ڪيا. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي ٻڌايو ته 8 جولاءِ تي سچل ويجهو بلاول شاهه نوراني ۾ بيڪري تي دستي بم حملو ڪيو ويو جنهن ۾ رينجرز جو رٽائرڊ انسپيڪٽر عاشق علي شهيد ٿيو. عمر شاهد حامد وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدارن جو تعلق سنڌ ريوولوشن آرمي سان آهي ان تنظيم کي ڀارتي ڳجهي ايجنسي ” را “ دهشتگردي لاءِ فنڊنگ ڪندي آهي. ايس آر جو ڪمانڊر سيد اصغر علي عرف سجاد شاهه آهي. بلوچستان رستي ديسي ساخته بم پهچائي دهشتگردن کي ڏنا ويندا هئا. چئني جوابدارن کي يونيورسٽي روڊ ويجهو واقع مڌو ڳوٺ ۾ ايس آر اي ۾ شامل ڪيو ويو. مدو ڳوٺ ۾ ست سال اڳ ڊي ايس پي قاسم غوري شهيد ڪيو ويو هو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.