کنڀيل ڪارڪنن لاءِ مارچ بٺوري پهتو

سجاول(ڊ ر) کنڀي گم ڪيل قومپرست  ڪارڪنن جي آزادي لاءِ سنڌ سڀا پاران ڪراچي کان نڪتل لانگ مارچ قافلو سجاول پريس ڪلب  آڏو 12 ڪلاڪ جو ڌرڻو هڻڻ بعد بٺوري پهتو. پانڌيئڙن جا پير پٿون هجڻ باوجود حوصلا بلند آهن.  قومپرست تنظيمن جي اڳواڻن مارچ قافلي جي شاندار آجيان ڪئي. جيئي سنڌ قومي پارٽي چيئرمين نواز خان زئور، جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري، ذڪريا لغاري، واسينگ سنڌي، ديشي توحيد، مهراڻ لغاري ۽ ٻين مارچ جي سرواڻي ڪندڙ اڳواڻن کي اجرڪ اوڍايا. ان موقعي تي سنڌ سڀا جي سرواڻ انعام عباسي چيو ته ميرپورخاص ۾ سي ٽي ڊي پوليس ۽ ڳجهن ادارن جي  ڪارروائي ڪوڙ تي ٻڌل آهي  بشير شر، سهيل ميراڻي، کي ظاهر ڪرڻ اسين پنهنجي جدوجهد جي ڪاميابي سمجهون ٿا، بشير شر، سهيل ميراڻي ۽ نسيم سنڌي ڪيترن ئي ڏينهن کان کنڀيل هئا، سهيل ميراڻي کي کنڀڻ وقت جا سي سي ٽي وي فوٽيج به رڪارڊ تي موجود آهن. صحافي رزاق عاصي چيو ته کنڀڻ بعد ظاهر ٿيلن جون خبرون ۽ وارثن جا احتجاج  رڪارڊ تي موجود آهن، ميرپور خاص واري ڪارروائي ڪوڙي ۽ بي بنياد سمجهون ٿا بشير شر، سهيل ميراڻي سميت جيڪي ماڻهون ظاهر ڪيا ويا آهن، هو دهشتگرد ناهن. ان موقعي تي عاقب چانڊيو جي ڀيڻ شازيا چانڊيو، سندس امڙ مختيار بيگم، فيصل آرائين جي امڙ بشيران آرائين، کنڀيل نسيم بلوچ جي مڱيندي حاني بلوچ، نصيب کوسي، وقار ڪانڌڙو، نور باگڙي، سڪندر چانڊيو، محمد بخش مري ۽ ٻين چيو ته اسين فقط هڪڙو ئي مطالبو کڻي نڪتا آهيون ته اسان جا پيارا آزاد ڪيا وڃن. مارچ ۾ انور بڙدي، ذوهيب سنڌي، عطا الله سنڌي، فقير ذوالفقار اڄڻ، زيب جتوئي، اصغر جمالي، صابر کرل، ظهير زينت، اي ڊي راهمون، ديوان حڪيم، شعيب خاصخيلي ۽ ٻيا شريڪ هئا.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.