سنڌ ۾ ڪتن ڏاڙهڻ جي واقعن جو سلسلو جاري، ٻارن سميت وڌيڪ 21 ڄڻا زخمي

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)سنڌ ۾ ڪتن ڏاڙهڻ جا واقعا جاري، لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، رولو ڪتن ٻن ٻارن سميت 7 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو ،جڏهن ته   يونين ڪائونسل بڪيراشريف ۾ انتظاميه پاران ڪتا مار موهم عارضي طور تي شروع ڪئي وئي شهر جي ڪجهه علائقن ۾ ڪتا مارڻ بعد ٽيم غائب ٿي وئي گذريل ڏينهن شهر جي خاصخيلي جي رهواسي هميرو ڀيل کي رولو ڪتي ڏاڙهي وڌو ،ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ ڇتي ڪتي ٻن ماڻهن 60 ورهين جي جعفر جروار ۽ 40 ورهين جي  مقبول جروار کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته جعفر جروار کي بي ايڇ يو سينٽر بڪيراشريف پهچايو ويو جتي اينٽي ريبريز انجيڪشن نه هجڻ ڪري ٽنڊوالهيار رفر ڪيو ويو، ڇاڇرو ۽ ڏاھلي تعلقن ۾ ڇتن ڪتن جو آزار ختم نه ٿيو، ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن جي مختلف ڳوٺن ۾ مٺاتڙ ۾ ياسينه ايسرو ۽ سني ٽن ڄڻن کي ڇتن ڪتن ڏاڙهي وڌو، ڳوٺ مومن منگريو ۾ جمال منگريو ۽ ڳوٺ ورنائي ۾ گنلناز کي ڏاڙهي زخمي ڪيو آهي جنهن کي ڇاڇرو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن تي ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ هلندڙ مهيني ۾ ڇتن ڪتن جي ڏاڙهيل ماڻهن جو انگ 25 ۽ ٻن مهينن ۾ 115 ٿي ويو آهي جڏهن تي زخمين ۾ ڳوٺ اوڏاڻي واسي ڪتي جو ڏاڙهيل نوجوان رفيق ڏوهٽ ٻه هفتا اڳ فوت ٿي ويو آهي، هوڏانهن  ڊکڻ ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو،رولو ۽ ڇتن ڪتن هڪ ئي ڏينهن ٽن ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو،سرڪاري اسپتال ۾ ٽنهي کي وئڪسين ڪئي وئي،ڪتا مار مهم شروع نه ٿي، دريا خان مري مان نمائندي موجب يوسي ڀانڀري ۽ يوسي ويسر ۾ ڪتن جي ڏاڙھجڻ جو سلسلو رڪجي نه سگھيو يوسي ويسر ديھ لوٺي جي ڳوٺ لڙ ۾ ڇتي ڪتي محمد رفيق پٽ الھورايو ڏاھري کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو ڪتي ڏاڙھيل زخمي کي رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري آندو ويو اسپتال ۾ اينٽي ريبيز ويڪسين نه ھجڻ سبب زخمي کي نوشھروفيروز اسپتال ڏانھن موڪليو ويو ٻئي پاسي يوسي ڀانڀري جي ديھ کرڙو م عبدالحميد خاصخيلي جي گھر واري کي پڻ ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو، هوڏانهن سيوھڻ ويجھو يوسي آراضي ۾ ڇتن ڪتن جو آزار وڌڻ بعد ڇتن ڪتن ٻن نينگرن دلدار ۽ نور نبي کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو جڏهن ته   يوسي آراضي جي سيڪريٽري اڪبر ملاح تي  ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.