حيدرآباد ۾ ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ20 دڪان سيل

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ڪورونا جا ڪيس وڌڻ کانپوءِ ضلعي انتظاميا ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪاررواين جو  سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي. سٽي ۽ قاسم آباد تعلقي ۾ ايس او پيز جي خلاف ورزي تي اسسٽنٽ ڪمشنر پاران ٽن هوٽلن سميت 20 کان وڌيڪ دڪان سيل ڪيا ويا. اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد گدا حسين سومرو جو چوڻ آهي ته مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪري 3 هوٽلون ۽ 2 دڪان سيل ڪيا آهن.هوڏانهن سٽي  تعلقي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ابراهيم ارباب ڪلاٿ مارڪيٽ، نشاط مارڪيٽ، ميمڻ چوڪ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪارروايون  ڪري 15 کان وڌيڪ دڪان سيل ڪيا. جنهن ۾ کير جون ڊيريون، ڪپڙي جا دڪان ۽ ٻيا دڪان شامل آهن.

ڄام شوري خلاف جاچ مڪمل، ڪيس هيڊ ڪوارٽر موڪليو ويو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس عرفان سعادت خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  سرڪاري زمين جي غير قانوني الاٽمنٽ ۽ وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ واري ڪيس ۾ پ پ جي اڳوڻ ڄام خان شورو سميت ٻيا پيش ٿيا،  جام خان شورو پاران وڪيل پنهنجو وڪالت نامو جمع ڪرايو، عدالت ڄام شورو جي ضمانت ۾ 30ڊسمبر تائين واڌ ڪندي نيب کان اڳڀرائي رپورٽ گهري ورتي آهي. عدالت ۾ نيب اختيارين  ٻڌايو ته ڄام شوري سميت ٻين جي خلاف جاچ مڪمل ڪري ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هيڊڪوارٽر موڪلي ڇڏيو آهي، جوابدارن ۾ محمد بچل، اصغرميمڻ، محمد حسين ، امتياز علي ، شاهنوازسومري ، فداحسين ،سبحان علي ،عبدالمالڪ کتري ،محمد انور ذيشان قريشي ۽ اخترعلي شامل آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.