الطاف جسڪاڻي مٽيءَ ماءُ حوالي، قتل ڪيس داخل، سنڌ ۾ هڙتال

ڪراچي/حيدرآباد/سکر ( نمائندن وٽان )  ٽنڊوالهيار ۾ قتل ڪيل ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي،  قتل ڪيس داخل، واقعي خلاف سنڌ ۾ ايس ٽي پي پاران هڙتال ڪئي  وئي. ايس ٽي پي مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، جسقم اڳواڻ نياز ڪالاڻي، قوم پرست اڳواڻ نواز خان زنئور،اڳوڻو صوبائي وزير ستار بچاڻي، قومي راڳي وقار ملاح،  پيپلزپارٽي جي ضلعي جنرل سيڪريٽري مولا بخش ٿيٻو، پ پ اڳواڻ اعجاز خان پتافي سميت سڄي سنڌ مان هزارين ڪارڪنن شرڪت ڪئي جنازي نماز بعد شهيد الطاف جسڪاڻي کي اباڻي قبرستان ڳوٺ لال فقير بهراڻي ۾ هزارين آلين اکين سان مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيو ويو. ٽنڊوالهيار شهر سميت ضلعي جا ٽئي تعلقه چمبڙ، جهنڊومري ۽ ٽنڊوالهيار مڪمل طور بند رهيا. ڊاڪٽر قادر مگسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سازش تحت الطاف جسڪاڻي کي قتل ڪيو ويو، جن قتل ڪيو، انهن جا نالا ايف آءِ آر ۾ آهن، هاڻ پوليس جي ذميداري آهي ته هو قاتلن کي گرفتار ڪري. ٻي پاسي الطاف جسڪاڻي جي قتل جو ڪيس اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، سندس ڀاءُ ذيشان جسڪاڻي جي فرياد تي اسلم رند، ڀولو خانزاده، ضمير رند، معشوق رند  سميت 2 اڻڄاتل ماڻهن تي داخل ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ قاسم آباد جي مختلف علائقن ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي، نسيم نگر، علي پيلس، گدو چوڪ، سحرش نگر، ڀٽائي ٽائون، ماروي ٽائون، سٽيزن ڪالوني، پڪوڙا چوڪ سميت مختلف ڪاروباري هنڌن تي ڪاروبار مڪمل طور تي بند رهيو. ٻئي طرف نئون ڪوٽ ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر الطاف جسڪاڻي جي قتل ۽ ايس ٽي پي طرفان ڏنل شٽربند هڙتال واري سڏ تي نئون ڪوٽ ۽ سنتورو بازار نئون ڪوٽ ۾ مڪمل شٽربند هڙتال رهي. نوابشاهه ۾ به الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي، ناري تحريڪ پاران انيلا رفيق ملاح، ثمينه، وقار ملاح، مولا بخش ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ سنڌ ترقي پسند ۽ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي طرفان درگاهه قائم شاهه بخاري روڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سکر ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين کي هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا کنيل هئا. مظاهرين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا.  مٺي ۾ الطاف جسڪاڻي جي قتل واقعي خلاف مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،هڙتال سبب  سمورا ڪاروباري مرڪز بند ٿي ويا ۽ ڪارڪنن روڊن تي نڪري سخت نعري بازي ڪئي. هوڏانهن بدين، باڊهه،  پنگريو، ملڪاڻي شريف، نندو کوسڪي،  شادي لارج، ٽنڊو باگو، گولاڙچي، تلھار، ماتلي، ڪڙيو گنھور سميت مختلف ننڍا ۽ وڏا شھر بند رھيا. گهوٽڪي، ڪنڌڪوٽ، ٺٽو، قمبر، جيڪب آباد، ٺل، چمبڙ، چوهڙ جمالي، ڌاٻيجي، ڏهرڪي، ڊگهڙي، ڪوٽڙي، فريد آباد، رتوديرو،  ٺل،  تنگواڻي، ٽنڊو غلام علي، شهدادڪوٽ، مٺياڻي،  مانجهند، ڪلوئي،  خيرپور ناٿن شاهه، ڪڍڻ، جهوڪ شريف، جروار،   غلام شاهه موري، ڳڙهي خيرو ۽ ٻين شهرن ۾ ايس ٽي پي پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، جڏهن ته ڪاروبار به بند رهيو. مظاهرين مطالبو ڪيو ته الطاف جسڪاڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.