سي اي او پي آءِ اي ارشد ملڪ تي غير قانوني الائونس وٺڻ جو الزام، هٽائڻ جي سفارش

اسلام آباد ( م ڊ ) آڊيٽر جنرل آف پاڪستان قومي ايئرلائين جي چيف ايگزيڪيوٽو ايئر مارشل ارشد ملڪ کي فوري طور تي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. حڪومتي آڊٽ پيرا 2019 ۾ سي اي او ارشد ملڪ  کان وصول ڪيل الائونس به واپس ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه آڊٽ پيرا ۾ پي آءِ اي بورڊ آف ڊائريڪٽرز خلاف به ڪارروائي تي زور ڏنو ويو آهي.آڊٽ پيرا موجب ايئر مارشل ارشد ملڪ هڪ ئي وقت ۾ ايئرفورس ۽ پي آءِ اي کان الائونسز وصول ڪياآهن. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان موجب سروسز رولز تحت ارشد ملڪ ايئر فورس جي ملازم دوران چيف ايگزيڪيوٽو پي آءِ اي جي اضافي مراعت وصول نٿو ڪري سگهي، حڪومتي آڊٽ پيرا 2019 ۾ چيو ويو آهي ته سي اي او ارشد ملڪ الائونسز جي مُد ۾ پي آءِ اي کان تقريبن 30 لک رپيا غير قانوني طور تي اوڳاڙيا، رپورٽ موجب پي آءِ اي ۾ ايئر فورس جي ٻين آفيسرن به تقريبن 7 ڪروڙ 18 لک رپيا غير قانوني الائونس ورتو. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پي آءِ اي ۾ ڊيپوٽيشن تي ارشد ملڪ کان علاوه 5 ايئر ڪموڊور، 2 ونگ ڪمانڊر ۽ هڪ فلائيٽ ليفٽيننٽ پي آءِ اي ۾ اضافي الائونس وٺندا رهيا آهن، آفيسر رڳو رهائش، بجلي جا بل ۽ فرنيچر جي مد ۾ سهولتون حاصل ڪندا رهيا. رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سڀئي آفيسر پي آءِ اي کان هائوس رينٽ وٺڻ سن گڏ پي اي ايف جي رهائش به استعمال ڪري رهيا آهن، آڊٽ پيرا موجب ايئر مارشل ارشد ملڪ جي مقرري وقت گهربل معيار کي به نظرانداز ڪيو ويو، اخبار ۾ ڏنل اشتهار ۾ به گهربل تعليم ۾ ارشد ملڪ لاءِ خصوصي رعايت پيدا ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.