تحريڪ لبيڪ جو سربراهه خادم حسين رضوي لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور ( م ڊ ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو سربراهه خادم حسين رضوي لاڏاڻو ڪري ويو. خانداني ذريعن  موجب خادم حسين رضوي کي ڪجهه ڏينهن کان بخار هو، ڪالهه کيس اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڏنائين. خادم حسين رضوي جو واسطو اٽڪ سان هو. ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻي دوران به خادم حسين رضوي کي بخار محسوس ٿي رهيو هو. خادم حسين رضوي پنجاب جي شهر اٽڪ جي علائقي نڪه توت ۾ اک کولي. هن جنوري 2017 ۾ توهين مذهب جي قانون خلاف لاهور ۾ريلي ڪڍي، جنهن دوران کيس گرفتار ڪري جيل ۾ رکيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.