شادي تقريب ۾ 2 ارب رپين جو خرچ، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جو وزيراعظم کي خط

ڪراچي(رپورٽ: جي ايم کوکر) لاهور ۾ شادي تقريب ۾ 2 ارب رپيا خرچ ڪرڻ تي ٽرانسپيرنسي انٽر نيشنل پاڪستان جو وزير اعظم کي   خط لکي ڪاروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته لاهور ۾ هڪ شهري طرفان ملڪي ۽ غير ملڪي گلوڪارن راحت فتح علي، عاطف اسلم، ابرار الحق، ناليواري عالم مولانا طارق جميل سميت ٻين کي گهرايو ويو، چار ڏينهن جي شادي تقريب تي ميڊيا رپورٽ مطابق 2 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا ان جي باوجود پنجاب حڪومت ڪاروائي نه ڪئي انتهائي مهانگي شادي تقريب ۾ اربين رپين جو زيان ٿيو ۽ فضول خرچ ٿيو دولت جو اهڙي طرح استعمال ڪرڻ جو سبب سماج ۾ براين کي هٿي ڏيڻ جو سبب آهي، ان تي پنجاب حڪومت نوٽس ڇو نه ورتو،؟ خط ۾ وزير اعظم کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته لاهور ۾ حد کان وڌيڪ شادي تي خرچ ڪرڻ تي ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.