پشاور مان گم ڄاڻايل ٻارڙي جو سڙيل لاش هٿ

پشاور ( م ڊ )  پشاور ۾ هڪ ڏينهن اڳ گهران گم ٿيل 7 ورهين جي ٻارڙي جو سڙيل لاش مليو آهي. بڊبير واري علائقي مان هڪ ڏينهن اڳ  گم ٿيل 7 ورهين جي ليه ڌيءُ معراج جي نالي سان ڪئي وئي، ٻارڙي بالو خيل جي رهائشي هئي، جيڪا اربع ڏينهن گم ٿي هئي. خيبرپختونخواهه جَي آءِ جي پوليس بڍبير ۾ ٻارڙي جي قتل جي واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.  آءِ جي پوليس جو چوڻ آهي ته معصوم حياتيون سان کيڏندڙ ماڻهو ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، اطلاع ملڻ تي واڳيل ايس پي به ٻارڙي جي والدين ملاقات ڪئي. ٻي طرف ايس ايس پي آپريشنز منصور ٻڌايو ته ٻارڙي جو لاش صبح سويري قبرستان مان سڙيل لاش مليو، جيڪو انتهائي هانءُ ڏاريندڙ واقعو آهي، واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن، جاچ لاءِ مختلف ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.