پاڪ،افغان دهشتگردي خلاف انٽيليجنس شيئرنگ تي متفق، ساٿ جو يقين ڏيارڻ آيو آهيان: عمران خان

ڪابل(م ڊ) پاڪستان ۽ افغانستان ويجهي سهڪار ۽ انٽيليجنس شيئرنگ جي ذريعي افغانستان ۾ دهشتگردي جي واقعن جي تازي سلسلي کي گهٽ ڪرڻ پنهنجي گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سرڪاري خابرو اداري جي رپورٽ موجب افغان صدارتي محل ۾ وزير اعظم عمران خان ۽ افغان صدر اشرف غني گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ افغانستان ۾ امن ۽  مضبوطي جي بحالي لاءِ هنگامي بندوبست ڪرڻ واري عزم جو اظهار ڪيو ويو.پنهنجي پهرين افغانستان جي دوري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس ۾ عمران خان سڀ کان پهرين صدر اشرف غني جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته آئون 50 سالن کان ڪابل ۽ افغانستان جو دورو ڪرڻ جو سوچي رهيو هوس پر اِهو ڪڏهن به نه ٿي سگهيو ۽ هاڻ توهان مون کي اِهو موقعو ڏنو آهي. وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته 60 ۽ 70 واري ڏهاڪي ۾ پاڪستانين جي لاءِ ڪابل پسنديده جاءِ هئي جڏهن ته افغانين لاءِ پشاور هو. هن چيو ته اسان جا تاريخي لاڳاپا آهن، مون اهڙي وقت ۾ جڏهن افغانستان ۾ تشدد وڌي رهيو آهي، دوري جو خيال ان ڪري ڪيو ڇو ته پاڪستاني حڪومت ۽ پاڪستان جا ماڻهو افغانستان ۾ امن چاهن ٿا. عمران خان چيو ته اسان سمجهون ٿا ته افغانستان جا ماڻهو 4 ڏهاڪن کان انهن حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن انساني برادري کي امن جي ضرورت آهي ته اُهو افغانستان آهي ۽ هتي امن جي لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي هن چيو ته پهرين طالبان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهيون هيون جنهن کان پوءِ هاڻ بين الافغان ڳالهين جو آغاز ٿيو آهي پر اسان اِهو نوٽس ڪيو آهي ته قطر ۾ ڳالهين جي باوجود تشدد ۾ واڌ ٿي رهي آهي. هن چيو ته ان ڪري اهڙي ۾ وقت ۾ منهنجي افغانستان جو مقصد اِهو هو ته اسان خاطري ڪرائي سگهون ته جيڪو ممڪن ٿيو پاڪستان اُهو ڪندو ۽ اسان ان تشدد کي گهٽ ڪرڻ ۽ جنگبندي ڏانهن آڻڻ ۾ مدد ڪنداسين، اسان ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن. وزير اعظم جو چوڻ هو ته انهن ڪميٽين جي قيام جو مقصد اسان جي ۽ اسان جي سيڪيورٽي ايجنسيز جي وچ ۾ رابطن کي يقيني بڻائڻ آهي، وڌيڪ اِهو ته توهان کي جڏهن به محسوس ٿيو ته پاڪستان، تشدد کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو ته اسان کي ٻڌايو، آئون خاطري ٿو ڪرايان ته اسان کان جيڪو ڪجهه ٿيو اسان ڪنداسين. وزير اعظم عمران خان افغان صدر اشرف غني جي خاص دعوت تي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪابل پهتو آهي، هن سان گڏ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ افغانستان ۾ پاڪستان جي خاص نمائندي سميت ٻيون اهم شخصيتون به شامل آهن. ڪابل ايئرپورٽ تي وزير اعظم عمران خان ۽ وفد جو استقبال افغان پرڏيهي وزير محمد حنيف اتمر ڪيو. جنهن کان پوءِ وزير اعظم عمران خان افغان صدارتي محل پهتو جتي افغان صدر اشرف غني سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي گارڊ آف آنر به پيش ڪيو ويو. افغان صدر اشرف غني چيو ته افغانستان ۾ تشدد جي خاتمي لاءِ جنگبندي چاهيون ٿا، ان حوالي سان پاڪستان مثبت ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار خطي جي ترقي لاءِ اڻٽر آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.