سچل ڳوٺ ۾ اي ايس آءِ محمد بخش ٻُرڙو کي ڀيٽا پيش

ڪراچي (رپورٽر)  جماعت اسلامي جي مرڪزي نائب امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چيو آهي ته محمد بخش ٻُرڙو  سنڌ پوليس جو هڪ بهادر سپاهي آهي جنهن پنهنجي اولاد جي قرباني ڏئي هڪ سُنهري تاريخ لکي آهي،اهڙن بهادر ۽ پنهنجي شعبي سان مخلص توڙي انسانيت جو درد رکندڙ پوليس آفيسرن جي هن وقت سخت ضرورت آهي، محمد بخش پنهنجي جان، مال ۽ اولاد جي پرواهه نه ڪندي هڪ اهڙي جنسي بگهڙ کي گرفتار ڪيو جنهن هڪ معصوم گُلن جهڙي ٻارڙي کي پنهنجي وحشت جو نشانو بڻايو. هن اهڙن خيالن جو اظهار سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ ڪشمور واقعي جي هيرو اي ايس آءِ محمد بخش ٻُرڙو جي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو.مولانا ڀٽو پوليس آفيسر کي مبارڪباد،سنڌ جي ثقافت اجرڪ ٽوپي،گلن جاهار ۽ تفهيم القرآن جو هديو پيش ڪندي چيو ته هڪ پوليس افسر جي فرض شناسي واري ڪردار تي سڄي محڪمي جي تعريف ٿي رهي آهي جيڪڏهن سمورو کاتو پنهجو اهڙو ڪردار ادا ڪري ته ڏوهه ۽ ناانصافين جو خاتمو ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي محمد يونس بارائي پڻ خطاب ڪيو.

عليشا ۽ آرزو ڪيس ۾ سنڌ پوليس مثالي ڪردار ادا ڪيو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان  صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪشمور واقعي ۽ 13 سالن جي آرزو جي ڪيس ۾ سنڌ پوليس جو بهترين ڪردار رهيو آهي، معاشري مان صنف جي بنياد تي امتيازي سلوڪ جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه مقامي هوٽل ۾ تقريب کي خطاب۽  ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته مرد ۽ عورت جي بنياد تي تشدد وارن وارن مسئلن ۽ تشدد واري ماحول کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن عدالتن ۾ 10 -10 سال ڪيس هلڻ بعد جوابدار باعزت آزاد ٿي وڃن ته پوءِ جوابدارن جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي.انساني حقن واري کاتي بابت وڏي وزير جي خاص معاون ويرجي ڪولهي خطاب ڪندي چيو ته پ پ هراسمينٽ ايڪٽ 2010 پاس ڪيو ۽ انساني حقن جي پائمالي خلاف آواز اٿاريو آهي، تقريب ۾ صوبائي وزير امتياز شيخ، شرميلا فاروقي، عاليه شاهد، طالب لاشاري ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

پيرآف ڀرچونڊي پير عبدالمنان لاڏاڻو ڪري ويو

ڏهرڪي(ت ر)پير آف ڀرچونڊي شريف پير حاجي عبدالمنان ڪافي وقت کان پنهجي  بيماري سان جهيڙيندي  ۾ زندگي جي جنگ هارائي ويو کيس علاج لاء ڏهرڪي کان ڪراچي پئي نيو ويو ڪراچي پهچندي ئي سندس جو ساه پرواز ٿي ويو  سندس جي موت تي سندس خاندان ڀرچونڊي شريف جي جماعت سوڳوار بنجي ويئي آهي سندس جي جنازي نماز سڀاڻي اڄ ڀرچونڊي شريف ۾ ادا ڪئي ويندي.

جهاز جي هڪ انجڻ بند ۽ ٻي جو بليڊ ٽٽي پيو هو: رپورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس ارشد حسين خان  تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ چترال کان اسلام آباد ويندي جهاز جويليان جي ويجهو تباهه ٿيڻ واري واقعي جي جاچ چئن سالن بعد مڪمل ڪري رپورٽ عدالت ۾  جمع ڪرائي ڇڏي آهي، عدالت ۾ ايئر ڪمانڊر عثمان غني پيش ٿي رپورٽ ڏني. رپورٽ 207صفحن تي مشتمل آهي،حويليان جهاز حادثو 4 سال اڳ ڊسمبر 2016 ۾ پيش آيو هو،  جنهن ۾ جنيد جمشيد سميت 47 ڄڻا فوت ٿي ويا، رپورٽ موجب جهاز جي هڪ انجڻ بند ۽ ٻي جو بليڊ ڀڄي پيو هو، .رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته جهاز جي انجڻ جو بليڊ پشاور کان چترال ويندي  ڀڄي پيو هو. جاچ رپورٽ موجب اڏام دوران انجڻ خراب ٿيڻ سبب اي ٽي آر جهاز جي رفتار گهٽ ٿي جڏهن ته جهاز  جي پائلٽ به اڏام کان اڳ ئي انجڻ ۾ خرابي جي ڪابه نشاندهي نه ڪئي هئي. اي ٽي آر جهاز جي آخري ڀيرو مرمت ڪينيڊا ۾ ٿي هئي، جسٽس محمد علي مظهر پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته حادثي جو ذميوارڪير آهي، عثمان غني جو چوڻ آهي ته رپورٽ ۾ شامل ڪجهه شين کي پبلڪ نٿو ڪري سگهجي،عدالت چيو ته مستقبل ۾ اهڙي واقعن کي روڪڻ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊائريڪٽر سيفٽي منيجمنٽ پي آءِ اي کي جهاز جي حوالي سان مڪمل تفصيلن سان گڏ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سعيد غني ۽ امتياز شيخ جي نااهلي لاءِ درخواست تي جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي وزير سعيد غني ۽ امتياز شيخ تي ڏوهاري  ماڻهو جو ساٿ ڏيڻ بابت الزامن جي  جاچ لاءِ جي آءِ ٽي لاءِ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس ارشد حسين تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  آڏو صوبائي وزير امتياز شيخ پاران جواب داخل ڪيو ويو.،جواب ۾ امتياز شيخ ڪميٽي جي سموران الزام کي رد ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته آءِ جي سنڌ جي ٺاهيل اعلي! سطحي ڪميٽي الزامن جي جاچ ڪري چڪي آهي،درخواست سياسي بنيادن تي داخل ڪئي وئي آهي .امتياز شيخ وڌيڪ چيو آهي ته ڪوڙن الزامن جي جي آءِ ٽي ٺاهڻ درست نه آهي عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سعيد غني ۽ ٻين کان جواب گهري ورتو آهي. . درخواست ۾ چيو ويو هو ته

ڪراچي ۾ گاڏي کي باهه، ٻن ورهين جو ٻار سڙي فوت

ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي ۾ گاڏيءَ کي باهه لڳڻ سبب ٻن ورهين جو ٻارڙو سڙي فوت، سندس  والد زخمي، گوليمار جي پيتل گهٽي ۾ هڪ پڪ اپ گاڏيءَ کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن سبب گاڏي ۾ ويٺل ٻن ورهين جو ٻارڙو وحيد سڙي فوت ٿي ويو، ٻارڙي کي بچائڻ دوران سندس والد عمير به زخمي ٿي پيو. فائر برگيڊ پهچي باهه تي ضابطو آندو. پوليس موجب لڳي ٿو ته ٻارڙي کان گاڏي جا دروازا اندران لاڪ ٿي ويا، وڌڪ جاچ جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.