مشال خان قتل ڪيس: مک جوابدار جي سزا عمر قيد ۾ تبديل

پشاور ( م  ڊ)  پشاور هاءِ ڪورٽ عبدالولي خان يونيورسٽي مردان جي شاگرد مشال خان جي قتل جي مک جوابدار کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران  ڏنل موت جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته آزادي ماڻيندڙ جوابدارن جي ضمانت ڪالعدم قرار ڏيندي گرفتاري جو حڪم ڏنو ويو آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ مشال قتل ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي خلاف اپيلن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، جتي سڪيورٽي جا انتهائي سخت قدم کنيا ويا هئا.  عدالت 29 سيپٽمبر تي جوابدارن جي وڪيلن، مشال ۽ سرڪاري وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ تي محفوط ڪيل فيصلو ٻڌايو. واضح رهي ته 13 اپريل 2017 تي شاگرد مشال خان کي هجوم ۾ قتل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ مجموعي طور تي 61 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو، جڏهن ته ايبٽ آباد جي اي ٽي سي 31 جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي، جن مان هڪ کي موت جي سزا، پنجن کي عمر قيد، 25 جوابدارن کي 3-3 سال قيد، جڏهن ته 26 جوابدارن کي بري ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.