نواز شريف تقرير ڪيس، فوري طور رليف ڏيڻ کان انڪار

اسلام آباد ( م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  اڳوڻي وزير  اعظم نوازشريف ۽ ناڻي جي اڳوڻي وفاقي وزير اسحاق ڊار  جون ٽي وي تي تقريرون نشر  ڪرڻ تي پابندي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪندي جوابدارن کي ريليف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.چيف جسٽس اطهر من الله   صحافين جي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڄاڻايو ته پيمرا اشتهاري تي پابندي لاڳو ڪئي آهي، ان سان ئي رابطو ڪيو وڃي. عدالت واضح ڪيو ته اها انتظامي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي.چيف جسٽس چيو ته اشتهاري کي اڻ سڌي طرح ريليف فراهم ڪري نٿا سگهون.،چيف جسٽس صحافين جي وڪيل اڪرم سلمان راجا  کان پڇيو ته توهان ڪنهن لاءِ ريليف گهرو پيا،هن عدالت پرويز مشرف ڪيس ۾ پهريان ئي واضح ڪري ڇڏيو  آهي. عدالت واضح ڪيو ته اشتهاري هن عدالت سان رابطو نه ڪيو ،توهان ڪيئن ڪري سگهو ٿا، پيمرا آرڊر ۾ اشتهاري جي تقرير ايئر ڪرڻ کان روڪيو آهي، ان جي باري ۾ خبر هلائڻ کان نه روڪيو آهي.چيف جسٽس چيو ته اشتهاري هجڻ سنجيده معاملو آهي، عدالت کي مطمئن ڪيو وڃي ، اشتهاري عدالت اچي ته تڏهن ئي ريليف ملي سگهي ٿو.حڪومت اشتهاري کي ڇڏي ڏنو ۽ هن عدالت تي الزام لڳايو ويو.عدالت هي سوال به ڪيو ته ڇا توهان سمورن اشتهارين لاءِ  ريليف چاهيو ٿا؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.