ٺل ۾ صحافي قتل، احتجاجي مظاهرا

ڪراچي/سکر/حيدرآباد(نمائندا) ٺل ڀرسان دلمراد  ٿاڻي جي حد ۾ باهو کوسو پريس ڪلب جو جنرل سيڪريٽري جيڪب آباد وڃي رهيو هو ته هٿيار بندن جي فائرنگ ڪري صحافي نور لنجواڻي کي شهيد ڪري ڇڏيو ،جڏهن ته هٿيار بند صحافي کي شهيد ڪرڻ کانپوءِ واقعي واري هنڌ تان فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا، پوسٽ مارٽم کانپوءِ شهيد کي جيڪب آباد ڀرسان ڳوٺ جي قبرستان ۾ ئي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو،شهيد صحافي جو مڙھ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،جڏنهن ته ايس ايس پي جيڪب آباد طارق نواز صحافي کي شهيد ڪرڻ واري هنڌ پهچي ايس ايڇ او دلمراد کان تفصيل ورتا ۽ قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيس انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، باهو کوسو ۾  پريس ڪلب جي صدر مبارڪ بليدي ، چيئرمين جاني لاشاري تبسم کوسو علي حسن هانڀي،  باغ علي بلوچ،  باسط بلوچ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،هوڏانهن ڪنڌ ڪوٽ ۾  راجا گوپي چند، لياقت علي کوسو،دليپ ڪمار، جي اڳواڻي ۾همايون ۾ صحافين نماڻو نوناري ، ممتاز ڀٽو ، عباس سومرو ، بشير رند جي اڳواڻي ۾ صحافين مظاهرا ڪيا. هوڏانهن  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پريس ڪلب باھو کوسو جي جنرل سيڪريٽري سينيئر صحافي نور لنجواڻي جي بيدردي سان قتل واقعي جي مذمت ڪندي فوري طور اصل قاتلن ۽ سھولتڪارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي،  اياز لطيف پليجي چيو ته گذريل ڪافي وقت کان وٺي سنڌ اندر سياسي ڪارڪنن ۽ صحافين کي ٽارگيٽ ڪلينگ ذريعي قتل ڪيو پيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.