ام رباب ڪيس: جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٻيهر آپريشن جون تياريون

ميهڙ (رپورٽ: جميل مهيسر)ام رباب چانڊيو جي ڪيس ۾ روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ميهڙ جي جابلو پٽي ۾ شروع ڪيل آپريشن  لاڀ نه ڏيڻ کان پوءِ سنڌ پوليس پاران علائقي ۾  ٻيهر آپريشن شروع  ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي، ذريعن موجب ميهڙ جي جابلو پٽي ۽ گڙتل بنگلي واري علائقي ۾  جوابدارن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف صبح سوير پوليس جا وڏا اٽالا  علائقي ۾ پهتل  آھن ذريعن موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾  ٻيهر سرچ آپريشن ڪري پوليس پڪٽون قائم ڪيون وينديون ان سلسلي ۾  ڊي آءِ جي حيدرآباد , ايس ايس پي دادو , ايس ايس پي قمبر سميت مختلف پوليس آفيسر ميهڙ جي جابلو پٽي ۾ پهچي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٻيهر سرچ آپريشن شروع ڪندا ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد اڄ ميهڙ پهچي جابلو پٽي ۾ علائقي جو معائنو ڪندو جوابدارن جي گرفتاري لاء 4 تعلقن ميهڙ , خيرپور ناٿن شاهه ,وارهه ۽ قمبر مان پوليس طلب ڪئي وئي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.