بلاول وساڻ جي موت جي جاچ ٿيڻ گهرجي: نفيسا شاهه

خيرپور: پ پ  جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر سيد نفيسا شاهه صوبائي وزير منظور حسين وساڻ جي  ويجهي عزيز ۽ نواب خان وساڻ جي ڀائڻيجي  اي ايس آءِ بلاول وساڻ سان افسوس ناڪ واقعو پيش آيو آهي هن  چيو ته اهڙو واقعو ٻڌي اسان کي دلي صدمو پهتو آهي هن چيو ته بلاول وساڻ جي موت جي تحقيقات ٿيڻ کپي .

بلاول وساڻ جي قتل ۾ ملوث مبينه طور  3 ماڻهو گرفتار

خيرپور : وزيراعليٰ سنڌ جي خاص مددگار نواب وساڻ جي ڀاڻيجي اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ۾ مبينه طور ملوث 3 ماڻهن کي  گرفتار ڪيو ويو. ايس ايس پي خيرپور سعود مگسي چيو آهي ته ملزم فراز راجپوت کي فون ٽريسنگ جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ان جي والد زاهد راجپوت ۽ محب شاه لڪياري کي شڪ جي بنياد تي حراست ۾ ورتو ويو آهي. بلاول وساڻ جي قتل جي جاچ جاري آهي. هن چيو ته مقتول جي باڊي مڪمل طور سڙي وئي هئي، ان جي ٻانهون، ٽنگون ۽ کوپڙي جون هڏيون پڻ موجود نه هيون. قتل ۾ ملوث سمورن ملزمن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

ڇتو چنڊ ۾ 3 شاگردن ۾ ڪورونا، ھاءِ اسڪول 15 ڏينهن لاءِ بند

ٺٽو(بيورو چيف) ٺٽي ۾ ڪورونا جا ڪلور جاري آهن، جتي  وڌيڪ ٽن شاگردن ۾  ڪورونا هئڻ جي تصديق بعد اسڪول کي 15 ڏينهن لاءِ بند ڪيو ويو آهي.ڇتوچنڊ ۾  ھاءِ اسڪول جي 3 شاگردن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آھي، جنھن کانپوءِ ضلعي انتظاميا ٻن ھفتن لاءِ اسڪول بند ڪري ڇڏيو آھي، جڏهن ته ڪورونا  متاثر ٽنھي شاگردن کي گھرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي. ٺٽي ضلعي اندر ٽن ڏينھن دوران  26 ڪيس ظاھر ٿيڻ بعد صورتحال ڳڻتي جوڳي  ٿي وئي آھي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.