مٺي ۾ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا

مٺي(بيوروچيف)مٺي سول اسپتال  ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت ٿي ويا،برموجب:سول اسپتال مٺي ۾ غذائي  کوٽ ۽ ٻين بيمارين وگهي وڌيڪ 4 ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا آهن،جنهن کانپوءِ ھلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 29 ۽ هلندڙ سال 684 ٿي ويو آھي،تازو فوت ٿيل ٻارن ۾ 2 سالن جي چاندني ڌي اشوڪ،3 ڏينهن جو ساجن پٽ ويرسون ۽ هري شام ۽ لالجي ڪولهي جا  تازو ڄاول ٻارڙا شامل آهن،سول اسپتال مٺي سميت ٿرپارڪر جي مختلف اسپتالن ۾ دوائن توڙي ٻين سهولتن جي کوٽ برقرار آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.