ڪراچي ۾ حددخلين خلاف آپريشن، سخت مزاحمت، چڪريون، ايس ايڇ او سميت7 اهلڪار زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي محمود آباد ۾ نالن تي حددخلين خلاف آپريشن چوٿون ڀيرو ملتوي ڪيو ويو، گذريل ڏينهن شرو ع ڪيل آپريشن دوران رهواسين ۽ پوليس ۾ چڪريون، هوائي فائرنگ ۽  پٿراءُ ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ڪيترين ئي گاڏين جا شيشا ٽٽي پيا، ڇڪتاڻ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻيل، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪراچي جي محمود آباد واري علائقي ۾ واقع نالي تان غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ سوين اهلڪار عملدار وڏي مشينري ساڻ ڪري صبح سوير ئي علائقي ۾ پهتا ته سون جي تعداد ۾ علائقي واسي به گڏ ٿي ويا، جئين ئي آپريشن شروع ٿيو ته مڇريل ماڻهن پوليس، ڪي ايم سي عملدارن تي پٿراءُ شروع ڪري ڏنو، ڏسندي ئي علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو ۽ آپريشن روڪيو ويو. آپريشن دوران ڇڪتاڻ پيدا ٿيڻ بعد انتظاميا وڌيڪ نفري گهرائي جنهن کي پڻ شهرين رستي تي ئي روڪي ڇڏيو. عملدارن فائر اسٽيشن ۾ پناهه ورتي جڏهن ته ايس ايڇ او بلوچ ڪالوني زبير نواز پٿر لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، متاثر رهواسين ان موقعي تي ٻڌايو ته گهر  ڊاهي زيادتي ڪئي پئي وڃي، پهرين 50 ميٽر بعد ۾ 150 ۽ هاڻي وري 200 ميٽرن تي قائم گهرن کي نشان لڳائي ڊاهڻ لاءِ مشينري پهچائي وئي آهي. هر صورت ۾ گهر ڊاهڻ نه ڏيندا سين، حڪومت اسان جي لاشن مٿان گذري گهر ڊاهي سگهي ٿي. محمود آباد روڊ ٽريفڪ لاءِ بند، گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. هڪ ڀيرو ٻيهر محمود آباد واري علائقي ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، گاڏين تي پٿراءُ ڪيو ويو، پوليس طرفان لٺبازي ۽ فائرنگ ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پوليس اهلڪارن سوڌو ڪيترائي زخمي ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.