شماريات کاتي جو انڪار، سنڌ سرڪار ڪورونا متاثرن ۾ 20 ارب رپيا نه ورهائي سگهي

ڪراچي(رپورٽ: خداڏنوشاھ)شُماريات کاتي ڪورونا متاثرن ۾ روڪ رقم جي تقسيم لاءِ سنڌ سرڪار کي گهربل انگ اکر ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي،جڏهن ته صوبائي حُڪومت متاثرن ۾ 20 ارب رپين جي ورهاست لاءِ  ڪا به حڪمت عملي جوڙي نه سگهي آهي،سنڌ سرڪار مالي سال 2020/21ع جي بجيٽ ۾ مجموعي طور تي 34 ارب رپيا رکيا آهن جن مان 14 ارب مختلف اسڪيمن جي ذريعي خرچ ڪرڻ جو فارمولو رٿيل آهي جڏهن ته 20 ارب رپيا غريب متاثرين ۾ روڪ رقم طور ورهائڻ لاءِ رکيا آهن رقم جي ورڇ لاءِ صوبائي حُڪومت شُماريات کاتي کان سنڌ جي مردم شُماري جا سمورا تفصيل گهريا ھُئا جنهن لاءِ باضابطا طور تي لک پڙھ پُڻ ڪئي ويئي ھُئي،سنڌ سرڪار جي بار بار لکڻ باوجود شُماريات کاتي سنڌ کي مردم شُماري جا تفصيل فراهم ڪرڻ کان ٺُپ انڪار ڪري ڇڏيو آهي شُماريات کاتي سنڌ سرڪار کي جوابي خط لکي چيو آهي ته مردم شُماري وارو مسئلو سي سي آءِ ۾ ويل آهي هاڻ جنهن وقت تائين گڏيل مفادن واري ڪائونسل ان حوالي سان ڪو فيصلو نٿي ڪري ان وقت تائين ڪنهن به صوبي کي مردم شُماري جا انگ اکر فراهم نٿا ڪري سگهجن،هوڏانهن سنڌ سرڪار اهو فيصلو ڪيو آهي ته امدادي رقم ڪورونا مُتاثر غريب ماڻهن ۾ ورهائي ويندي اگر ڪنهن سرندي واري جي ڪورونا جي ٽيسٽ  پازيٽو آئي هوندي ته ان کي امدادي رقم نه ڏني ويندي .

نادرا کان انگ اکر وٺي رقم ورهائڻ تي غور

ڪراچي:سنڌ سرڪار ڪورونا متاثرن ۾ امدادي رقم جي ورهاست لاءِ نادرا کان انگ اکر وٺڻ يا پوليو ٽيمن جي سروي مان گڏ ڪيل انگن اکرن  مان ڊيٽا حاصل ڪري رقم ورهائڻ تي غور ڪري رهي آهي سرڪاري ذريعن موجب سنڌ سرڪار ايندڙ اجلاس ۾ رقم جي ورهاست بابت باضابطا حڪمت عملي جوڙيندي ، جڏهن ته سنڌ جي سماجي ڀلائي واري کاتي جي سيڪريٽري محمد نواز شيخ تصديق ڪئي آهي ته شُماريات کاتي سنڌ کي انگ اکر ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي هن عوامي آواز کي ٻُڌايو ته هاڻ اها رقم نادرا جي انگن اکرن يا پوليو بابت صحت کاتي پاران ڪرايل سروي ۾ آيل انگن اکرن جي مدد سان ڊيٽا جوڙي فقط غريبن ۾ اها رقم ورهائي ويندي

برسات متاثر خاندانن کي 5 هزار روڪ ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ سرڪار برسات متاثر في خاندان کي 5 هزار روپيا روڪ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي،سرڪاري ذريعن موجب سنڌ سرڪار سنڌ جي 20 ضلعن کي آفت  سٽيل قرار ڏيڻ کانپوءِ متاثرن  ۾  8 ارب روپيا جلد کان جلد ورهائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن جي لاءِ متاثرين جا سنڌ بينڪ ۾ اڪائونٽ کولرائي کين اي ٽي ايم ملڻ بعد  پهرين مرحلي ۾ 5-5 هزار روپيا سندن اڪائونٽ ۾ جاري ڪيا ويندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.