خيرپور ۾ بلاول وساڻ جو موت پراسرار بڻيل،سئي گئس ۾ پيٽرول پمپ تي حملو

خيرپور(رپورٽ:مختيار ڦلپوٽو) اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر خوب چند پاران بلاول وساڻ جي پوسٽ مارٽم جي  ابتدائي رپورٽ جاري ڪرڻ بعد  پوليس تحرڪ ۾ اچي وئي ، جڏهن ته  واقعي جو  ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ،ان سلسلي ۾ خيرپور جي ايس ايس پي امير سعود مگسي طرفان بلاول وساڻ جي قاتل کي بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي گذريل ڏينهن فارنزڪ ٽيم خيرپور ۾ گهرائي ورتي جنهن  شھيد اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي گاڏي ۽ واقعي واري هنڌ جو معائنو  ڪيو ويو ۽ گاڏي ۾ ويٺل ماڻهن جا فنگر پرنٽس به ورتا واقعي واري جڳھ تان ثبوتن سان گڏ شاھديون به ورتيون ويون  ايس ايس پي خيرپور امير سعود قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل ٽيم پاران فون ٽريس سميت سي سي ٽي وي به چيڪ ڪري رھي آھي خيرپور جي ايس ايس پي اميرسعود مگسي موجب قتل ۾ ملوث مک جوابدار کي جلد وائکو ڪبو، هوڏانهن  سئي گئس مهراڻ هاءِ وي تي شيل پيٽرول پمپ تي نامعلوم هٿياربندن جو حملو ۽ فائرنگ ، فائرنگ جي نتيجي ۾ پيٽرول پمپ جي مشينن ، آفيس جي شيشن ۽ ٻين کي نقصان پهتو هوڏانهن فائرنگ دوران پيٽرول پمپ عملي ڀڄي جان بچائي جاني نقصان ڪوبه نه ٿيو اهڙي اطلاع ملڻ بعد ميرواهه پوليس واقعي واري هنڌ پهتي جنهن بعد ميرواهه پوليس پنهنجي جاچ شروع ڪري ڏني آهي ميرواهه پوليس جو چوڻ آهي ته انشاالله جلد کان جلد واقعي جي تهه تائين پهچي جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪيو ويندو،ٻئي طرف ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي سئي گئس مهراڻ هاءِ وي تي شيل پيٽرول پمپ تي ٿيل واقعي خلاف نوٽيس وٺندي پوليس چونڪي انچارج کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.