بلاول کي رٿابندي تحت قتل ڪيو ويو آهي: نواب وساڻ

خيرپور : سنڌ جي خاص معاون حاجي نواب خان وساڻ اهم انڪشاف ڪندي حادثي وارين خبرن کي مڪمل رد ڪندي چيو آهي ته بلاول وساڻ  کي سازش تحت پلاننگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي، واقعو دشمني تحت پيش آيو آهي گرفتار ٿيل فراز راجپوت کان علاوه ٻيون به ٻه ٽي ڌريون جيڪي ملوث آهن، جن خلاف به جانچ هلي رهي آهي هن چيو ته بلاول جي موبائيل جي لوڪيشن رات جو 11 بجي تائين راڻيپور ۾ اچي پئي بعد ۾ نمبر بند ڪيو ويو آهي کينس قتل ڪرڻ ۾ ڪيترائي هٿ ملوث آهن،هن چيو ته بلاول وساڻ کي بي رحماڻي سان قتل ڪرڻ تي تمام گهڻو ڏک آهي هن چيو ته اسان ڪنهن به ملوث ماڻهن کي هر گز بخش نه ڪنداسين ۽ ڪنهن سان ناجائزي به نه ٿيڻ ڏينداسين ،هن چيو ته پوليس طرفان جانچ جاري آهي پر اسان به پنهنجي طريقي سان به جانچ ڪرايون پيا واقعو پراڻي دشمني تحت ٿيو آهي ڪير به ملوث هجن انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائبو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.