25 ورهين بعد ڪراچي سرڪلر ريل جي اڌوري سروس شروع

ڪراچي (رپورٽر) ريلوي واري وزير شيخ رشيد ڪراچي  ۾ سرڪلر ريلوي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته سرڪلر ريلوي جو ڪريڊٽ چيف جسٽس ڏانهن وڃي ٿو .ڪراچي سرڪلر ريلوي ٽريڪ مڪمل نه ٿيڻ سبب رڳو 46 ڪلو ميٽر ٽريڪ تي سٽي اسٽيشن کان پپري تائين هلائي ويندي، ڦاٽڪ ۽ ٽريڪ سميت ڪيترن ئي هنڌن جي خراب  صورتحال ۽ تياريون وقت تي مڪمل نه ٿيڻ سبب 21 مان رڳو 13 اسٽيشنن تي ٽرين سروس فراهم ڪئي ويندي. ڪراچي سرڪلر ريلوي ٽرين جو ڀاڙو 50 رپيا هوندو، پر شيخ رشيد 20 رپيا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.  ٽرين جي رفتار 35 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ مَس هوندي. سٽي اسٽيشن کان اورنگي اسٽيشن تائين 14 ڪلو ميٽر ٽريڪ جي غير فعال هجڻ سبب ڪراچي سرڪلر ريلوي کي في الحال پپري يارڊ کان ڪراچي سٽي تائين (ڪُل 21 اسٽيشنن مان رڳو 13 اسٽيشنز وچ ۾) ئي هلايو پيو وڃي. شيخ رشيد چيو ته گلگت چونڊون شفاف ٿيون، سينيٽ ۽ آزاد ڪشمير جون چونڊون به ٿيڻيون آهن، مخالف ڌر لاءِ پريشاني تڏهن ٿيندي جڏهن عمران پنج سال پورا ڪندو . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.