ڪورونا سبب سنڌ پوليس جا 3514 اهلڪار متاثر، شهيدن جو انگ 20 ٿي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس چيو آهي ته فرضن جي ادائيگي دوران ڪورونا وائرس سبب سنڌ پوليس جا 3 هزار 514 آفيسر ۽ اهلڪار متاثر ۽ 20 شهيد ٿي ويا جڏهن ته 38 هن وقت تائين علاج هيٺ آهن.

ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب ڪورونا وائرس مان متاثر ٿيڻ سبب علاج هيٺ آفيسرن ۽ اهلڪارن جو انگ 38 ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪورونا وائرس مان متاثر 3 هزار 456 پوليس آفيسر صحتياب ٿي چڪا آهن.

ترجمان موجب ڪورونا مان متاثر پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جو مڪمل طور تي خيال رکيو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ روزاني جي بنياد تي بندوبست جاري آهن، ڪوروناجي خلاف هر اول جٿي طور ڪم ڪندڙ پوليس آفيسر ۽ جوان انسانيت جي خدمت لاءِ انتهائي پرعزم ۽ بلند حوصلا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.