ڪورونا: پاڪستان ۾ وڌيڪ 18 فوتگيون، فعال ڪيس 32 هزارن کان وڌي ويا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا ٻه هزار کان وڌيڪ نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ ڪورونا جي فعال ڪيسن جو انگ 32 هزارن کان وڌي ويو، جڏهن ته وڌيڪ 18 ڄڻا فوت پڻ ٿي ويا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 2 هزار 547 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو مجموعي انگ 3 لک 65 هزار 927 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي ٻڌايو آهي ته هيل تائين 3 لک 26 هزار 674 ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿيا آهن، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 32 هزارن کان وڌي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 18 فوتگيون سامهون آيون، جنهن کانپوءِ فوت ٿيندڙن جو ڪُل انگ 7 هزار 248 تي پهچي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.