شاهد خاقان عباسي جي عدالتي ڪارروائي ڏيکارڻ جي درخواست رد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي احتساب عدالت ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جي عدالتي ڪارروائي سڌي ريت نشر ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي عدالتي ڪارروائي سڌي ريت نشر ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي، اسلام آباد جي احتساب عدالت ڪئميرا کي عدالتي ڪمري ۾ آڻڻ کان روڪيندي درخواست رد ڪري ڇڏي.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته منهنجي خلاف چارج شيٽ ۾ ڪرپشن جو ڪو الزام ناهي.

هن چيو ته مان عدالتي ڪارروائي ڏيکارڻ جي درخواست ڪئي هئي، اسان عدالتن کان نٿا گهٻرايون ڇو ته حق تي آهيون.

سندس چوڻ هو ته ڪئميرا لڳايو ۽ عوام کي ڏيکاريو ته ڪهڙي چارج شيٽ لڳائي آهي، سياستدانن جي بي عزتي لاءِ الزامن جي فهرست لڳائي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.