تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو سربراهه خادم حسين رضوي لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ) تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو سربراهه خادم حسين رضوي لاڏاڻو ڪري ويو.

تفصيل موجب تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو سربراهه لاهور جي شيخ زيد اسپتال ۾ علاج دوران لاڏاڻو ڪري ويو.

خادم حسين رضوي جي خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته هو گذريل ڪجهه ڏينهن کان بيمار هو، جنهن تي کيس اسپتال داخل ڪرايو ويو هو.

پر هاڻ سندس خانداني ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ته تحريڪ لبيڪ پاڪستان جو سربراهه خادم حسين رضوي هاڻ هن دنيا ۾ ناهي رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.