دنيا اڳتي پئي وڌي ۽ حڪومت انتقامي ڪارروائين ۾ رڌل آهي: احسن اقبال

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته نارووال اسپورٽس ڪامپليڪس ڪيس بي بنياد آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نارووال اسپورٽس سٽي ڪامپليڪس ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي ۽ عدالت سمورن جوابدارن کي 30 نومبر تي طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ٿي.

ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته حڪومت اپوزيشن خلاف انتقامي ڪارروائيون ڪري رهي آهي، نارووال اسپورٽس ڪامپليڪس نوجوانن جي سهولت لاءِ قدم هو، جنهن ۾ نه رشوت ورتي ۽ نه ڪميشن.

هن چيو ته منهنجي خلاف ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو، دنيا اڳتي وڃي رهي آهي ۽ حڪومت اسپورٽس ڪامپليڪس کي جواز بڻائي انتقامي ڪارروائي ۾ رڌل آهي.

سندس چوڻ هو ته اسان تي اسپورٽس سٽي جي اڏاوت جو الزام آهي پر منصوبو تباهه ڪرڻ جو جواب ڪير ڏيندو، 10 سيڪڙو ڪم رهجي ويو هو، اڄ منصوبو تباهه ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.